Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat
صفحي 660 تي آهي: عمامو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو، جنهن ان جو اُلٽ ڪيو (يعني عمامو ويهي ٻڌو ۽ پاجامو بيهي پاتائين) اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي ڪا دوا ناهي ٭ عمامي جي شِملي جو مقدار گھٽ مان گھٽ چار آڱر ٭ ۽ وڌ مان وڌ (اڌ پٺي تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (فتاويٰ رضويه ج 22 ص 182) (وچين آڱر جي چوٽي کان ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چورائيندي) ٭ عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 38) ٭ عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش(ٻڌڻ) گنبذ نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) ٭ طِبّي تحقيق مطابق مٿي جي سور لاءِ عمامو شريف پائڻ تمام فائديمند آهي ٭ عمامو شريف پائڻ سان دماغ کي قوت ملندي ۽ حافظو مضبوط ٿيندو آهي ٭ عمامو شريف ٻڌڻ سان دائمي نزلو ناهي ٿيندو يا ٿيندو به ته ان جا اثرات گھٽ هوندا آهن ٭ عمامي شريف جو شِملو هيٺين دڙ جي فالج وغيره کان بچائي ٿو ڇو ته شِملو حرام مغز کي موسمي اثرن مثلاً سردي گرمي وغيره کان تحفظ فراهم ڪندو آهي ٭ عمامي جي فضيلتن ۽ فائدن جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي”163 مدني گل “ جو مطالعو ڪريو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.