Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

زيارت جي وقت دعا قبول ٿيڻ جا امڪان (Chance) وڌي ويندا آهن، تبرڪات جي زيارت سان الله پاڪ جون رحمتون نصيب ٿينديون آهن، تبرڪات جي زيارت سان گناهن کان بيزاري ۽ نفرت جو ذهن بڻجندو آهي، تبرڪات جي زيارت سان ذهني سڪون ملندو آهي، تبرڪات جي زيارت سان زبان تي الله جو ذڪر جاري ٿي ويندو آهي. تبرڪات جي زيارت سان نيڪيون ڪرڻ جو جذبو ملندو آهي۔ اچو! انهيء تعلق سان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

تبرڪ جي ادب جون برڪتون

جيئن، حضرت سَيدُنا ابو علي روز باريرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڀيڻ فاطمه بنت احمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها فرمائن ٿيون: بغداد شهر ۾ ڪجھ نوجوانن پاڻ منجهان ڪنهن هڪ کي ڪنهن ضرورت لاءِ موڪليو، ان موٽڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، هي نوجوان ڪاوڙ ڪرڻ لڳا، ايتري ۾ اهو هڪ گدرو (Melon) کڻي کلندو پهتو۔ نوجوانن پڇيو: هڪ ته تون دير سان پيو اچين، ان تي کلي به رهيو آهين؟ ڇوڪري چيو: مان اوهان جي لاءِ هڪ عجيب شيء آندي آهي۔ سڀني پڇا ڪئي: اها ڪهڙي؟ ڇوڪري پنهنجي هٿ وارو گِدرو انهن کي پيش ڪيو ۽ چيائين: هن گدري تي حضرت سَيدُنا بشر حافيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هٿ رکيو هو، ان ڪري مون هن کي 20 درهمن ۾ خريدي ورتو۔ ان جي ڳالھ ٻڌي سڀني گدري کي چُميو ۽ پنهنجي پنهنجي اکين سان لڳايو۔ انهن مان هڪ چيو، حضرت سَيدُنا بشرحافيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪهڙي شيء هن مقام تي پهچايو؟ ڪنهن چيو: تقويٰ۔ سوال ڪندڙ چيو: مان توهان کي شاهد ڪري الله پاڪ کان توبه ڪيان ٿو، ان کان پوءِ سڀني اهڙي نموني توبه ڪئي، پوءِ اهي سڀ طرطوس نالي شهر تشريف کڻي ويا ۽ اتي ئي شهادت جو رُتبو ماڻيائون۔ (الروض الرياحين،ص۲۱۸)

عقيد تمندن جي به مغفرت

   شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت، حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطّارقادري رضوي ضيائي دامت برڪاتهم العاليہ پنهنجي مايه ناز تصنيف ”نماز