Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

بيمارن جي لاءِ ڌوئيندا آهيون ۽ ان مان شفاحاصل ڪندا آهيون۔

                       (مسلم، ڪتاب اللباس و الزينۃ،باب تحريم لبس الحرير…الخ، حديث: ۲۰۶۹، ص۸۸۳)

مشهور مفسرِ قرآن،حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهفرمائن ٿا: جڏهن ماڻهو ان جي زيارت ڪرڻ ايندا هئا ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها اهو فرمائي زيارت ڪرائينديون هيون ته هي حضوراڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حيات شريف ۾ پائيندا هئا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لباس جي زيارت ڪرائڻ سُنّتِ صحابه آهي جيئن ته اڄوڪي دور ۾ موءِ مبارڪ جي زيارت ڪرائي ويندي آهي۔ معلوم ٿيو! بزرگن جي تبرڪات جي زيارت ڪرائڻ انهن جو لباس ڌوئي بيمارن کي پيئارڻ سُنتِ صحابه آهي، ان ۾ شفا آهي۔ آبِ زمزم حضرت سَيدُنا اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي کڙي سبب نڪتو تمام بيمارين جي لاءِ شفا آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۶/۹۸ ملتقطاً) ڪجهه حضرات امُ المُؤمنين عائشه صديقه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها جي خدمت ۾ حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي تبرڪات جي زيارت ڪرڻ ايندا هئا، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها انهن کي انهن جي زيارت ڪرائينديون هيون۔ (مرآۃ المناجيح،۶/۹۱)

(3)      مسلم شريف جي هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته حضرتِ سَيدُنا انس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: مون رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي هن پيالي مان هر قسم جو شربت، ماکي، نبيذ، پاڻي ۽ کير پياريو آهي۔ (مسلم،ڪتاب الاشربۃ، باب اباحۃالنبيذ …الخ،حديث:۲۰۰۸،ص۸۵۷) حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ تحت لکن ٿا: حضرتِ سَيدُنا انس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي هٿ ۾ هڪ ڪاٺيءَ جو پيالو هو، حضرتِ سَيدُنا انس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ماڻهن کي ڏيکاري فرمايائون: هن پيالي مان مون حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيئي قسم جو شربت ۽ کير پياريو آهي يعني هي پيالو گھڻو ئي متبرڪ آهي جو ان کي حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا هٿ ۽ لب مبارڪ ڪيترا ئي ڀيرا لڳا آهن۔ معلوم ٿيو! حضراتِ صحابه