Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

حضور اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا استعمال ٿيل ٿانوَن کي برڪت جي لاءِ پاڻ وٽ رکندا هئا ۽ ماڻهن کي ان جي زيارت ڪرائيندا هئا۔

مثنوي شريف ۾ آهي: حضرت سَيدُنا جابر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھر اهو ڪپڙي جو دسترخوان هو جنهن سان حضور هٿ ۽ منهن اگهيا هئا جڏهن اهو ميرو (Dirty) ٿي ويندو هو ته ان کي باھ ۾ وجھي ڇڏيندا هئا، مَرُ سڙي ويندو هو ڪپڙو محفوظ رهندو هو۔ ( مرآه المناجيح، ۶/۸۱ملتقطاً)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو اهو عقيدو هو ته آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تبرڪات ۾ برڪتون ئي برڪتون آهن۔ اسان کي به اهو ئي عقيدو رکڻ گھرجي، ۽ بزرگن سان منسوب تبرڪات مثال طور انهن جو لباس، استعمال جون شيون، رهڻ جا هنڌ، عبادت ڪرڻ واريون جايون، الغرض! انهن سان نسبت رکڻ واري ڪا به شيء هجي اسان کي ان جو ادب ۽ احترام ڪرڻ گھرجي۔ ان ۾ ڪجھ شڪ ناهي ته نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان شفائون ملنديون آهن، نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان فيض ماڻڻ انبياءِ ڪرام جو طريقو آهي۔ نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان رزق ۾ ڪشادگي ٿيندي آهي۔ نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان سڪون ملندو آهي۔ تبرڪات جي برڪتن سان فيض ماڻڻ صحابَه ڪرام جو طريقو رهيو آهي، نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان دنيا ۽ آخرت جون پريشانيون پري ٿينديون آهن۔ نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان دعائون قبول ٿينديون آهن، نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان بيماريون ٽرنديون آهن، نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي برڪتن سان گناهن جي بخشش ٿي ويندي آهي ۽ نيڪ ماڻهن جي تبرڪات جي ادب ۽ احترام جي ڪري سڌي راھ تان ڀٽڪيل ماڻهن کي هدايت ملندي آهي۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تبرڪات جي زيارت سان دلين کي چين ملندو آهي، تبرڪات جي زيارت سان اکين کي ٿڌاڻ نصيب ٿيندي آهي، تبرڪات جي