Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

چهرن ۽ بدن جي حصن تي تبرڪ طور مليندا هئا، پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي بچيل کاڌي مان تبرڪ حاصل ڪندا هئا، پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي پگھر مبارڪ، لعابِ دهن، موءِ مبارڪ، منڊي مبارڪ، بستر مبارڪ، لباس مبارڪ، کٽ مبارڪ ۽ پاڻ ڪريم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي استعمال ڪيل چٽائي مبارڪ مان به برڪتون حاصل ڪندا هئا، مطلب ته! هر اها شيء جنهن کي تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ٿوري يا گھڻي نسبت حاصل ٿي ويندي هئي صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ان کي پنهنجي لاءِ تبرڪ بڻائيندا هئا، حديث سڳورين ۾ هن طرح جا کوڙ واقعا ملن ٿا۔ اچو! انهن مان 3 واقعا ٻڌون ٿا:

(1)  منقول آهي ته مشهور صحابي رسول، حضرت سَيدُنا اميرمعاويه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وٽ نبي اڪرم، شاھ بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ قميص ۽ مقدس ننهن جا ڪجھ تراشا (لاٿل ننهن مبارڪ) هئا۔ جڏهن حضرت سَيدُنا اميرمعاويه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي وصال جو وقت آيو ته انهن وصيت فرمائي ته مون کي ان قميص ۾ ڪفن ڏنو وڃي جيڪا پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي عطا فرمائي هئي ۽ اها مبارڪ قميص منهنجي جسم سان بلڪل ملائي رکي وڃي۔ جڏهن ته آقا عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي مبارڪ ننهن جي باري ۾ وصيت فرمائي ته سنها سنها ڪري انهن جي اکين ۽ منهن تي رکيا وڃن۔ حضرت سَيدُنا اميرمعاويه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه وڌيڪ فرمايو: اهو ڪم ضرور ڪجو ۽ مون کي سڀ کان وڌيڪ رحم ۽ ڪرم ڪرڻ واري ربِّ ڪريم جي حوالي ڪري ڇڏجو۔

                                                          (اسدالغابۃ في معرفۃ الصحابۃ،باب الميم ولعين،۵ /۲۲۳)

(2)      مسلم شريف ۾ آهي ته اميرالمُؤمنين حضرت سَيدُنا ابُوبڪرصديق رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي صاحبزادي حضرت سَيدَتُنا اسماء رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها وٽ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ جُبّو (Jubbah) هو (هڪ ڀيري) حضرت سَيدَتُنا اسماء رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْها اهو جبو ڪڍي فرمايائون: هي جبو رَسُولُ اللهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پائيندا هئا هاڻي اسان ان کي