Book Name:Tabarukaat Ki Barakaat

آهي۔  (علم القرآن،ص۴۸ ملتقطاً) 

”تفسيرِصراط الجنان“ ۾ آهي: هن (آيت) مان معلوم ٿيو! جنهن پٿر کي نبي عَلَيه السَّلَام جي قدم بوسي حاصل ٿي وڃي اهو عَظمَت وارو ٿي ويندو آهي۔ اهو به معلوم ٿيو! جڏهن پٿر نبي عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي قدم مبارڪ لڳڻ سان عظمت وارو ٿي ويو ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ازواجِ مطهرات، اهلِ بيت ۽ صحابَه ڪرام رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهمْ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي۔ (تنهنڪري) هن مان تبرڪات جي تعظيم جو به ثبوت (Proof) ملي ٿو۔ (صراط الجنان،۱/۲۰۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار اجتماع“

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي جنهن شيء جو به الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن سان تعلق ٿي وڃي اها برڪت ڀري ٿي ويندي آهي۔ پنهنجي دلين ۾ تبرڪات جي اهميت وڌائڻ، انهن مان فيض حاصل ڪرڻ، انهن جي ادب ۽ احترام جو جذبو پنهنجي دلين ۾ بيدار ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اِسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفته وار هڪ مَدني ڪم ”هفتيوار اجتماع“ به آهي۔ ٭  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ تلاوت ۽ نعت ۽ علمِ دين سان ڀرپور سُنّتن ڀريو اصلاحي بيان ٻڌڻ، اجتماعي طور تي ذڪرُ الله ڪرڻ ۽ رِقّت انگيز دُعا ۾ پنهنجي گُناهن کان توبه ڪرڻ سان گڏوگڏ بُري صحبت کان بچڻ ۽ چڱي صحبت اِختِيار ڪرڻ جا موقعا به مُيسر ايندا آهن۔ ٭  يقيناً چڱي صحبت اِختِيار ڪرڻ ۽ گڏجي الله ڪريم جو ذِڪر ڪرڻ قابلِ فضيلت عمل آهي۔ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جڏهن ماڻهو ڪنهن مجلس ۾ گڏ ٿي الله ڪريم جو ذِڪر ڪن ٿا، پوءِ جڏهن اهي فارغ ٿين ٿا ته انهن کي چيو ويندو آهي ته بيهي رهو، بيشڪ توهان جي گُناهن کي بخشيو ويو آهي ۽ توهان جي بُرائين کي نيڪين سان بدليو ويو آهي۔ (شعب الايمان،باب في محبۃ الله،۱ /۴۵۴، حديث:۶۹۵) ٭  ”هفته وار