Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

    (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

موقع جي مناسبت ۽ نوعيت جي اعتبار سان نيتن ۾ گهٽ وڌ ۽ تبديلي به ڪري سگهجي ٿي.

   ٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نهايت قيمتي موتي

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب”عُيون الحڪايات (جلد اوّل“ جي صفحي نمبر 212 تي آهي ته حضرت سيدنا احمد بن نَاصِح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ غريب شخص تمام گھڻو عبادت گذار ۽ ڪثير العيال (ٻارن ٻچن وارو) هو۔ گھر جي خرچ وغيره جي لاءِ اُن (پشم) جون رسيون ٺاهيندو هو ۽ انهن کي وڪڻي کائڻ پيئڻ جو سامان خريد ڪندو هو، جيترو ملي وڃي ان کي کائي اللہ  پاڪ جو شڪر ادا ڪندو هو۔ معمول مطابق هڪ ڀيري هو نيڪ شخص اُن جون رسيون وڪڻڻ بازار ويو۔ جڏهن رسيون وڪامجي ويون ته هو گھر وارن جي لاءِ کاڌي جو سامان خريدڻ لڳو۔ ايتري ۾ ان جو هڪ دوست ان وٽ آيو ۽ چيائين: مان