Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

خرچ ڪري ٿو ۽ هن مُعاملي ۾ گھڻو کليو هٿ آهي، ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُن کي فرمايايو: توهان جي ڀائرن جو ڇا مسئلو آهي، هو هن گمان تي تنهنجي شڪايت ڪري رهيا آهن ته تون پنهنجي مال ۾ گھڻي فضول خرچي ڪرين ٿو ۽ تنهنجو هٿ گھڻو کليو آهي؟ مون عرض ڪيو: يا رَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان آمدني مان پنهنجو حصو وٺي اللہ  جي راھ ۾ ۽ پنهنجن دوستن ۾ خرچ ڪيان ٿو ته رَسُولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ سيني تي مبارڪ هٿ رکيو ۽ ٽي ڀيرا فرمايائون: خرچ ڪر اللہ  توکي عطا ڪندو۔ (راوي فرمائن ٿا) ان کان پوءِ جڏهن به مان راھ خدا ۾ نڪرندو هئس ته مون وٽ پنهنجي سواري هوندي هئي ۽ اڄ منهنجو هي حال آهي جو مان مال ۽ آسائش ۾ پنهنجي اهلِ خانه (ڀائرن) کان وڌيڪ آهيان۔ (معجم الأوسط،۶/۲۱۰،حديث:۸۵۳۶)

خيرات ڪريو توڙي جو کجور جو هڪ ٽڪر ئي هجي!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان مال ۾ ڪمي ناهي ٿيندي بلڪ مال ۾ وڌيڪ برڪت ٿيندي آهي۔ ياد رکو! صدقو خيرات ڪرڻ جو هي مطلب ناهي ته اسان جيستائين امير ۽ ڪبير نه ٿي وڃون، خوب بينڪ بيلنس (Bank Balance) نه ٺاهي وٺون، سٺو گھر، گاڏي واريون نه ٿي وڃون ان وقت تائين صدقو ئي نه ڪريون، بلڪ اسان جي جهڙي اِستِطاعَت آهي ان جي مطابق ننڍيون شيون به اخلاص ۽ رِضاءِ الهٰي جي لاءِ خرچ ڪنديون سين ته ان جو فائدو دنيا ۾ به ملندو ۽ آخرت ۾ به نَجات جو سبب ٿيندو، جيئن ته فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اِتَّقُوا النَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَۃٍ يعني باھ کان بچو، جيتوڻيڪ کجور جي هڪ ٽڪري (کي خيرات ڪرڻ) جي ذريعي۔ (بخاری، کتاب الرقاق،باب من نوقش الحساب عذب، ۴/ ۲۵۷،حديث: ۶۵۴۰)

هن حديثِ پاڪ ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ تسلي آهي، جيڪي مَعاشي پريشانين ۾ مبُتلا هئڻ جي باوجود صدقو ۽ خَيرات ته ڪن ٿا پر معمولي شيء صدقو ڪرڻ جي ڪري دل ننڍي ڪندا آهن، حالانڪه صدقو چاهي گھٽ هجي يا وڌيڪ، جيڪڏهن حلال مال مان اِخلاص سان ڏنو وڃي ته يقيناً ثواب جي لحاظ کان نهايت ئي عُمده آهي جيئن ته اعليٰ حضرت اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والدِ گرامي حضرت