Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

انسان جي هلاڪت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪي ماڻهو ڪنجوسي ڪندي راھ خُدا ۾ مال خرچ ڪرڻ بدران گڏ ڪرڻ ۾ لڳل رهن ٿا اهي دنياوي نقصانن سان گڏوگڏ آخرت ۾ به نقصان کڻندا۔

بخل (ڪنجوسي) جي مذمت تي ٻه حديث سڳوريون

اچو! بخل جي مذمّت تي ٻه حديث سڳوريون ٻڌو ۽ هن باطني بيماري کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو،

 1فرمايائون: هن اُمت جا اڳوڻا ماڻهو يقين ۽ زُهد جي ذريعي نجات ماڻيندا جڏهن ته آخري ماڻهو بخل ۽ خواهشن جي سبب هلاڪت ۾ مبتلا ٿيندا۔ (فردوس الاخبار،۲/۳۷۴ ،حديث:۷۱۰۶)

 2 فرمايائون: اللہ  پاڪ هن ڳالھ تي قسم ياد فرمايو آهي ته جنت ۾ ڪو بخيل (ڪنجوس) داخل نه ٿيندو۔ (ڪنزالعمال،ڪتاب الاخلاق،قسم الاقوال،جزء ۳،۲/۱۸۱، حديث: ۷۳۸۲)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته بخل جون ڪيتري قدر تباھ ڪاريون آهن، ڇا اها هلاڪت گھٽ آهي جو اللہ  پاڪ هن ڳالھ تي قسم ذڪر فرمايو آهي ته جنت ۾ ڪو ڪنجوس شخص داخل نه ٿيندو۔ ڇا هاڻي به اسان بخل جهڙي نحوست کان نه بچنديون سين؟ ڇا اڃا به اسان ڪنجوسي ڪنديون سين؟ ڇا اڃا به بخل جي ذريعي پنهنجي تباهي جا سبب پاڻ ئي پيدا ڪنديون سين؟ ڇا اڃا به صدقي ۽ خيرات کان منهن موڙينديون سين؟ ياد رکو! بخيل شخص ماڻهن جي نگاهن ۾ حقير بڻجي ويندو آهي ۽ معاشري ) (Society ۾ ان کي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ناهي ويندو ۽ اهڙو ڪنجوس شخص ابليس لعين کي گھڻو پسند آهي۔ جيئن حضرتِ سَيدُنَا يحييٰ عَلَيه السَّلَام ابليس کان پڇيائين: توکي ڪهڙو ماڻهو پسند ۽ ڪهڙو ناپسند آهي؟ ابليس چيو: مون کي مومن بخيل پسند آهي پر گنهگار سخي پسند نه آهي؟ پاڻ عَلَيه السَّلَام پڇيائين: ائين ڇو؟ ابليس چيو: ان ڪري جو بخيل (ڪنجوس) کي ته ان جو بخل ئي تباھ ڪندو پر فاسق سخي جي باري ۾ مون کي اهو خطرو آهي ته ڪٿي اللہ  تَعَالي ان جي گناهن کي ان جي سخاوت جي سبب معاف نه فرمائي ڇڏي۔ پوءِ ابليس ويندي اهو چوندو ويو ته جيڪڏهن اوهان پيغمبر نه هجو ها ته مان (راز جون