Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

٭اللہ  پاڪ صدقي ۽ خيرات جي برڪت سان اهڙي هنڌان رزق عطا ڪندو آهي جتان انسان جو گمان به ناهي هوندو۔

٭اسان جي بزرگانِ دِين راھ ِخدا ۾ پنهنجي پسنديده شيء خرچ ڪندا هئا۔

٭صدقو ۽ خيرات ڪرڻ وقت اسان کي اللہ  جي رضا کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي۔

٭ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ صدقو ڪرڻ سان ان جو ثواب ضائع ٿي ويندو آهي۔

اللہ  ڪريم اسان کي خُوش دلي سان پنهنجي راھ ۾ خوب خوب صدقو ۽ خَيرات ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ بخل جهڙي بيماري کان محفوظ فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻندي زڪوٰة جي ادائيگي ۾ احتياطون ۽ ڪجھ مدني گل بيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي ۔

زڪوٰة ادا ڪرڻ جا مدني گل!

قرآنِ پاڪ ۾ اللہ  تعاليٰ ڪيئي هنڌن تي زڪوٰة ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي اهميت بيان فرمائي۔ آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کوڙ حديثن سڳورين ۾ زڪوٰة ادا ڪرڻ جي ترغيب به ڏياري۔ ٻه فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1) توهان جي اسلام جو پورو هجڻ هي آهي ته پنهنجي مال جي زڪوٰة ادا ڪريو۔ (مجمع الزوائد،ڪتاب الزڪاۃ،۳ /۱۹۸،حديث: ۴۳۲۶) (2) اسلام جو بنياد پنج شين تي آهي ان مان هڪ زڪوٰة ادا ڪرڻ به آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الايمان ،۴/۲۷۵ حديث:۲۶۱۸ماخوذاً) صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان به دل کولي راھ خدا ۾ پنهنجو مال صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا۔ اللہ  پاڪ جي رضاحاصل ڪرڻ جي لاءِ مال جي هڪ حصي جو جيڪو شريعت مقرر ڪيو آهي مسلمان فقير غيرِ هاشم کي مالڪ بڻائڻ زڪوٰة چورائيندو آهي۔ (بهارِ شريعت،۵/۵۷۴ ملخصاً) آزاد، مسلمان عاقل بالغ ۽ صاحبِ نصاب تي زڪوٰة فرض آهي۔ (بهارِ شريعت ، ۵/۸۷۵-۸۷۶ملخصاً) سڀ کان پهريان غريب،مِسڪين ۽ مُفلس ۽ نادار ماڻهن کي ڳولهي ڪري انهن کي زڪوٰة ڏني وڃي، وقت تي زڪوٰة ادا ڪرڻ سان غريبن کي فائدو پهچندو آهي، قريبي رشتيدار زڪوٰة جا حقدار هجن ته انهن کي زڪوٰة ڏيڻ وڌيڪ اجرو