Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

سيپارو 2سورۃ البقرة جي آيت نمبر 245 ۾ ارشاد آهي:)

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَهٗ لَهٗۤ اَضْعَافًا كَثِیْرَةًؕ-( پ۲، البقرۃ: ۲۴۵)

ترجموڪنزالايمان: آهي ڪو جيڪو اللہ  کي قرضِ حسنه ڏئي ته اللہ  ان کي تمام گهڻو وڌائي ڏئي

نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها خوشخبري ماڻڻ جي باوُجُود پنهنجي اُمّت جي دَستگيري ڪندي وڌيڪ ڪرم نَوازي جي لاءِ عرض ڪيو: رَبِّ زِدْ اُمَّتِي يعني اي منهنجا رب! منهنجي اُمّت کي ان کان به وڌيڪ اجر ۽ ثواب عطا فرماءِ ته ارشاد ٿيو:

اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَیْرِ حِسَابٍ(۱۰) (پ۲۳،الزمر:۱۰)

 ترجمو ڪنزالايمان: صبر ڪرڻ وارن کي  سندن ثواب ڀرپور ڏنو ويندو بغير حساب جي.

 (تفسير قرطبي، البقرۃ، تحت الآية:۲۶۱، ۲/ ۲۲۹)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمَّت سان ڪيترو پيار ڪن ٿا جو پنهنجي اُمَّت جي اعمال نامي ۾ صدقي جو ثواب وڌائڻ جي لاءِ بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪري رهيا آهن ته موليٰ منهنجي اُمَّت جي اجروثواب ۾ وڌيڪ اضافو ڪر۔ تنهنڪري راھ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪريو ۽ اها ڳالھ پنهنجي ذهن (Mind) مان ڪڍي ڇڏيو ته جيڪڏهن مان خرچ ڪندَس ته منهنجي مال ۾ ڪمي ٿي ويندي، مان پنهنجون ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندَس۔ منهنجي گھر وارن ٻارن ٻچن جا خرچ ڪيئن پورا ٿيندا؟ ياد رکو! اها شيطان جي چال آهي، هو نٿو چاهي ته اسان اللہ  پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪري اجروثواب جون حقدار بڻجون، انهيءَ ڪري هو اسان کي مال ۾ ڪمي جو خوف ڏياري صدقي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔ اچو! ان شيطاني چال کي ناڪام بڻائڻ ۽ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو ذهن بڻائڻ جي لاءِ هڪ نهايت ئي پياري حڪايت ٻڌو۔

خرچ ڪريو الله ڪريم عطا ڪندو

حضرت سَيدُنا قيس بن سَلع انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته ان جي ڀائرن حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ان جي شڪايت ڪئي ته هي فضول