Book Name:Fazail e Sadqat
۾ پنهنجي پسنديده شيء کي صدقو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيئن سيپارو 4سوره آلِ عمران جي آيت نمبر 92 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ ﱟ وَ مَا تُنْفِقُوْا مِنْ شَیْءٍ فَاِنَّ اللّٰهَ بِهٖ عَلِیْمٌ(۹۲)
(پ۴،اٰلِ عمران:۹۲)
تَرْجموڪنز الايمان: اوهان ايستائين چڱائيءَ کي هرگِز نه پھچندؤ جيستائين پنهنجِي پيارِي شيءِ خرچ نه ڪندؤ ۽ اوهان جو ڪُجھه خرچ ڪندؤ سو اللہ کي معلُوم آھي.
هن آيتِ سڳوري تحت تفسيرِ صراطُ الجِنان ۾ آهي ته هن آيت ۾ ڀلائي مان مُراد تقويٰ ۽ فرمانبرداري آهي ۽ خرچ ڪرڻ جي باري ۾ حضرت عبداللہ بن عمر رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما جن فرمايائون ته هتي خرچ ڪرڻ ۾ واجب ۽ نفلي تمام صدقا داخل آهن۔ امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: جيڪو مال مسلمانن کي پسند هجي ۽ ان کي رضاءِ الٰهي جي لاءِ خَرچ ڪري، اهو هن آيت ۾ داخل آهي، چاهي هڪ کجور ئي هجي۔ (تفسيرِخازن،پ۴، اٰل عمران،۱/۲۷۲)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!هن آيتِ مبارڪه تي عمل ڪرڻ وارن اسان جي بزرگانِ دِين جو جذبو مرحبا! اچو! هن جي باري ۾ بزرگن جا واقعا ٻڌو ۽ راھ خدا ۾ پنهنجي پياري شيء صدقو ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪريو۔ جيئن ته
پسنديده باغ راھه خُدا ۾ ڏئي ڇڏيو
(1) حضرت سَيدُنا ابو طلحه انصاريرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه مديني ۾ وڏا مالدار هئا، انهن کي پنهنجي مال ۾ بَيرُحَاء نالي هڪ باغ گھڻو پسند
هو، جڏهن اها آيت نازل ٿي ته انهن بارگاھ رسالت ۾ بيهي عرض ڪيو: مون کي پنهنجي مال
مان بَيرُحَاء باغ سڀ کان پيارو آهي،
مان ان کي راھ خدا ۾ صدقو ڪيان ٿو۔ حضورِ اقدسصَلَّى
اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي خوشي جو اظهار فرمايو ۽
پوءِ حضرت ابوطلحه
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه سَرورِ ڪائنات جي اشاري تي
اهو باغ پنهنجي رشتيدارن ۾ ورهائي ڇڏيو۔ (بخاري ،ڪتاب الزڪاۃ ،باب
الزڪاۃ علي الاقارب،۱/۴۹۳حديث:۱۴۶۱ملخصاً)
(2) حضرت عمرو بن دينار رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن اها آيت سڳوري نازل