Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

آنا صدقو ڪرڻ جي برڪت سان آنن سان ڀريل ٽوڪري ملي وئي۔ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وقت بوقت صدقي جون گھڻيون فضيلتون بيان ڪيون آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ صدقي جي فضيلتن تي مشتمل 10 احاديثِ مُبارَڪه ٻڌو.

صدقو ڏيڻ جا ديني ۽ دنياوي فائدا

(۱) فرمايائون: بيشڪ صدقو اللہ  پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪري ٿو ۽ بُري موت کي دفع ڪري ٿو۔ (ترمذي،ڪتاب الزڪاۃ،باب ما جاء في فضل الصدقۃ،۲/۱۴۶،حديث:۶۶۴) (۲) فرمايائون: صدقو بُرائي جا ستّر دروازا بند ڪري ٿو۔ (فردوس الاخبار، ۲/۳۴، حديث:۳۶۵۱) (۳) فرمايائون: صدقو گناھ کي مٽائي ٿو جئين پاڻي باھ کي وسائيندو آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الزڪاۃ،۲/۱۱۸،حديث:۶۱۴) (۴) فرمايائون: بيشڪ مسلمان جو صدقو عمر (Age) کي وڌائي ٿو ۽ بُري موت کي روڪي ٿو۔ (فردوس الاخبار،۲/۲۶،حديث:۳۵۷۸) (۵) فرمايائون: اللہ  پاڪ سان، ان جي ياد ۽ خُفيه ۽ ظاهر صدقي جي ڪثرت سان پنهنجي نسبت درست ڪريو، ته توهان کي روزي ۽ مدد ڏني ويندي ۽ توهان جون بگڙيل(خراب) بڻجي وينديون۔ (ابن ماجه،باب في فرض الجمعۃ،۲/۵،حديث:۱۰۸۱)(۶) فرمايائون: صدقو ستّر قِسم جي بلائن کي روڪي ٿو جن ۾ سڀ کان آسان بلا، بدن بگڙڻ ۽ سفيد داغ آهن. (تاريخ البغداد،۸/ ۲۰۴، حديث:۴۳۲۶) (۷)فرمايائون: دوزخ کان بچو جيتوڻيڪ اڌ ڇوهارو ڏئي ڪري جو اهو ٽيڏائپ کي سڌو ۽ بُري موت کي پري ڪري ٿو۔ (مسند أبي يعلي،۱/۵۷،حديث:۸۰) (۸) فرمايائون: صبح جا صدقا آفتن کي پري ڪندا آهن۔ (فردوس الاخبار، ۲/۳۵،حديث:۳۶۵۳) (۹) فرمايائون: بيشڪ صدقو ۽ صِله رحم (رشتيدارن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ) سان اللہ  تعاليٰ عمر وڌائي ٿو ۽ بُري موت کي پري ڪري ٿو۔ (مسند أبي يعلٰي، ۳/۳۹۷،حديث: ۴۰۹۰) (۱۰) فرمايائون: صبح سوير صدقو ڏيو ڇوته بلا صدقي کان اڳتي قدم ناهي وڌائيندي۔ (معجم الأوسط،۴ /۱۸۰،حديث:۵۶۴۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                  صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪهڙو مال صدقو ڪرڻ گھرجي

       پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وقت هن ڳالھ جو به خيال رکو ته جيڪا شيءِ اوهان کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده هجي ان کي صدقو ۽ خيرات ڪريو ڇوته ان جو ثواب وڌيڪ آهي ۽ اللہ  پاڪ قرآنِ ڪريم