Book Name:Fazail e Sadqat
مولانا مُفتي نَقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: صدقو ڏيڻ ۾ ننڍي شيء کي به حقير نه سمجهو، جيتوڻيڪ وڌيڪ جي استطاعت به هجي، هٿ پهچندو آهي (يعني انسان صدقو ڏيڻ جو اِرادو ڪندو آهي) پر شيطان روڪيندو آهي، نفس وچ ۾ ايندو آهي، هڪ شيطان ڇا ستّر (70) شيطان صَدَقي کان پري رکندا آهن۔ حديثِ شريف ۾ ارشاد آهي: انسان پنهنجو صدقو ستّر(70) شيطانن جي ڄاڙي چيري ڪڍندو آهي۔ (مجمع الزوائد، کتاب الزکاۃ، باب ارغام الشیطان بالصدقۃ، ۳/۲۸۲، حدیث: ۴۶۰۱) ته اهڙي حالت ۾ ٿورو ئي ڏي ۽ ان کي حقير سمجھي بلڪل لَا تَعَلُّق نه ٿئي، ڇوته ٿورڙي شيءِ سان به محتاج جي ضرورت ڪنهن حد تائين پوري ٿيندي ۽ بُخل جي پاڙ دل تي ڄمڻ ۾ ڪجھ ته گھٽتائي ٿيندي۔ ( فضائلِ دُعا،ص۲۷۶بتغیرقلیل)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! شيطاني مڪروفريب کان بچندي صدقو ۽ خيرات جي عادت بڻائڻ جي لاءِ روزانو هڪ رقم مُقرَر (Fix) ڪري وٺو، مثال طور روزانو 10 روپيا راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مجبوري يا وسري وڃڻ جي صورت ۾ خرچ نه ڪري سگهيون سين ته ايندڙ ڏينهن هٿو هٿ 20 روپيا ڪڍي وٺو۔ جيڪڏهن صدقي جون فضيلتون لکي گھر ۾ ڪنهن اهڙي واضح هنڌ تي لڳايون وڃن جتي انهن جي ادب جو به خيال رکي سگھجي ۽ هلندي ڦرندي نگاھ پوڻ جي صورت ۾ به صدقي جي ترغيب ملندي رهندي۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن طريقي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مجلس ”مدني عطيات بڪس“ متعارف ڪرايو آهي، هن مدني عطيات بڪس کي اسلامي ڀينرن جي جامعات، مدارس ۽ گهرن ۾ رکڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي، جن اسلامي ڀينرن جي گهرن ۾ اهي بڪس رکيا ويندا آهن، انهن کي گھرجي ته سٺين سٺين نيتن سان پاڻ به ڪجھ نه ڪجھ رقم بڪس ۾ وجھنديون رهن ٻين تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏيارين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ ترقي جي لاءِ اوهان جون اهي