Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

اهي ڳالهيون) ڪڏهن نه ٻڌايان ها۔ (مڪاشفۃ القلوب ،ص ۱۸۱)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته بخيل (ڪنجوس) شخص شيطان کي گھڻو پسند آهي ته اهڙي شخص تي ابليس کي وڌيڪ محنت ناهي ڪرڻي پوندي بلڪ ان شخص جو بخل ئي ان کي هلاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي ۔ ڪنجوسي ڪيئي ديني ۽ دنيوي نقصانن جو سبب بڻجندي آهي۔

بخل جا ديني نقصان:

اچو! ڪنجوسي جا ڪجھ ديني نُقصان ٻڌو ۽ هن بري عادت مان ڇُوٽڪارو ماڻڻ جي نِيت به ڪريو، جيئن

(1) بخل (يعني ڪنجوسي) ڪرڻ وارو ڪڏهن ڪامل مومن نٿو بڻجي سگھي، بلڪ ڪڏهن بخل ايمان کان به روڪي ڇڏيندو آهي ۽ انسان کي ڪفر ڏانهن کڻي ويندو آهي، جيئن قارون کي ان جي بُخل اسلام قبول ڪرڻ کان روڪي

 ڇڏيو۔(2) بخل ڪرڻ وارو ڄڻ ته ان وڻ جي ٽاري پڪڙي رهيو آهي جيڪا ان کي جهنم جي باھ ۾ داخل ڪري ئي ڇڏيندي۔ (3) بخل جي ڪري جنت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو۔ (4) بخل ڪرڻ وارو مال خرچ ڪرڻ جي ثواب کان محروم ٿي ويندو ۽ نه خرچ ڪرڻ جي وبال ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ (5) بخل ڪرڻ وارو حرص جهڙي خطرناڪ باطني مرض جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ ان تي مال گڏ ڪرڻ جي ڌُن سوار ٿي ويندي آهي ۽ ان جي لاءِ اهو جائز ناجائز تائين جي پرواھ ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي۔ ۽ ان جي علاوه به کوڙ ديني نقصان آهن۔ (صراط الجنان ،۹/۳۳۳)

بخل جا دنيوي نقصان:

اچو! هاڻي هن ڪنجوسي جي ڪري ٿيڻ وارن دنيوي نقصانن جي باري ۾ ٻڌو۔ (1) بخل (يعني ڪنجوسي) انسان جي سڀ کان بدتر (بُري) خامي آهي۔(2) بخل ملامت ۽ رُسوائي (Disgrace) جو ذريعو آهي۔ (3) بخل (ڪنجوسي) خونريزي (قتل و غارت) ۽ فساد جي جڙ ۽ هلاڪت ۽ بربادي جو سبب آهي۔ (4) بخل (ڪنجوسي) ظلم ڪرڻ تي اُڀاري ٿي۔(5) بخل ڪرڻ سان رشتيداريون ٽٽنديون آهن۔ (6) بخل ڪرڻ جي ڪري ماڻهو مال جي برڪت کان محروم ٿي