Book Name:Fazail e Sadqat
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن به صدقو ڪرڻ جو ارادو ٿئي ته چڱي کان چڱي شيءَ صدقو ڪرڻ گھرجي۔ اسان جي بزرگان دين رَحْمةُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہم اجمعین پنهنجي سڀ کان محبوب شيء اللہ ڪريم جي راھ ۾ ڏيڻ جو جذبو رکندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون جو صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۾ سُستي ۽ تَنگدِلي جو مُظاهرو ڪيون ٿيون يا وري اهڙي شيء صدقو ڪريون ٿيون جيڪا ناڪاره ٿي اسان جي استعمال لائق نٿي رهي مثال طور مانين تي سنور لڳي وئي، ٻوڙ ناراض (باسي) ٿي ويو يا قرباني جو گوشت جڏهن پنهنجي استعمال جو نه رهيو ته ٻڌي ڪري گھر ۾ ڪم ڪرڻ واري ماسيءَ يا ڪنهن سوالي کي ڏيندا آهيون، سيلاب زَدگان يا آفتن ۾ ورتل ماڻهن کي گهٽ قيمت وارو راشن ۽ اهي ڪپڙا جيڪي گھر ۾ ڪير نٿو پائي ۽ اهي جوتا جيڪي پائڻ لائق نٿا رهن انهن کي اِمداد ۽ صدقي طور موڪليا ويندا آهن۔ ٿورو سوچيو ته سهي اها ڪهڙي عجيب ڳالھ آهي جو جڏهن پنهنجي کائڻ پيئڻ يا اِستِعمال جي ڳالھ اچي ته عُمدَه کان عُمدَه شيء جي چونڊ (Selection) ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن ڳالھ راھ خُدا ۾ ڏيڻ جي اچي ته بچيل پراڻي يا گھٽ قيمت واريون شيون صدقو ۽ خيرات ڪيون وينديون آهن۔ پنهنجي ٻارن جي لاءِ ته اَعليٰ کان اَعليٰ ڪوالٽي واريون شيون خريديون وينديون آهن پر جڏهن ڪنهن غريب جي ٻار کي ڏيڻي هجي ته گھٽ معيار جون شيون به احسان ڪري ڏنيون وينديون آهن۔ اسان پنهنجي گھر ۾ ته پنهنجي من کي وڻندڙ کاڌا وڏي اهتمام سان کايون پر انهيء دوران ڪو سوالي اچي وڃي ته ان کي ڌڪاري ڇڏيون يا گھر ۾ بچيل باسي ٻوڙ جنهن کي ڪير نه کائي ان کي ڏئي ڇڏيون ۽ ان خوش فهمي جو شڪار ٿيون ته ٺيڪ آ کاڌو ضايع ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ڪنهن غريب جو ڀلو ٿي ويو پر اسان جي بزرگانِ دين جو انداز هن معاملي ۾ به نرالو (Strange) هوندو هو، اهي بزرگ پنهنجي خواهش سبب ڪڏهن سٺو کاڌو پچرائيندا هئا ۽ ان دوران ڪو سوالي گھر اچي صدا لڳائي ته هي نيڪ ماڻهو پنهنجي خواهش کي قربان ڪري پنهنجي پسنديده شيء سوالي کي ڏئي ڇڏيندا هئا، جيئن ته
حضرت سيدُنا سعيد بن اَبي هلَال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري