Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

احياء العلوم ص 79) تنهنڪري وقت مقرر ڪري روزانو فڪرِ مدينه ڪيو. (يعني مدني انعامات جي مطابق اڄ ڪيستائين عمل ٿيو) رسالي ۾ ڏنل خانا ڀري ڪري هر مدني مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذميدار اسلامي ڀيڻ کي جمع ڪرايو وڌيڪ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب ”جنت جي طلبگارن جي لاءِ مدني گلدستو“ جي ذريعي ٻين اسلامي ڀينرن کي به “مدني انعامات“ تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياريو. هر اسلامي ڀيڻ انفرادي ڪوشش ڪرڻ واري ”مدني انعامات“ تي عمل ڪندي هر مهيني مدني انعامات جا گهٽ ۾ گهٽ 26 رسالا تقسيم ڪري ايندڙ مهيني وٺڻ جي به ڪوشش ڪري. حدف في ذيلي حلقو گهٽ ۾ گهٽ 12 رسالا آهن  

نمازن جي پابندي نصيب ٿي

باب المدينه (ڪراچي) جي علاقي پراڻي گولي مار ڊويزن ”فيضِ مرشد“ جي هڪ اسلامي ڀيڻ جو دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابستگي جو سبب ڪجهه هيئن ٿيو جو هڪ اسلامي ڀيڻ انفرادي ڪوشش ڪندي امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو عطا ڪيل”نيڪ بڻجڻ جو نسخو“ يعني مدني انعامات جو رسالو ان کي تحفي ۾ ڏنو ۽ ان جو مطالعو ڪرڻ ۽ روزانو فڪرِمدينه ڪندي ان کي ڀرڻ جو ذهن ڏنو، ان نيت ڪئي ته روزانو فڪرِمدينه ڪندي مدني انعامات جي رسالي کي ضرور ڀريندَس، جڏهن ان نئين اسلامي ڀين مدني انعامات جي رسالي ۾ ڏنل سوال پڙهيا ته اها حيران ٿي وئي ڇوته ان ۾ اهڙين اهڙين نيڪين جي ترغيب ڏياري وئي هئي جو جنهن کان اها بلڪل غافل هئي. ان کان پوءِ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان مدني انعامات تي عمل کي پنهنجي زندگي جو معمول بڻائي ڇڏيو. جنهن جي برڪت سان ان کي نمازن جي پابندي نصيب ٿي، نيڪين سان محبت ٿي ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي اها مبلغه دعوت اسلامي جي حيثيت سان مدني ڪمن ۾ ترقي ۽ عروج جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تي پنهنجي خاص رحمتن جو نزول فرمائي ۽ دعوت اسلامي کي ترقي ۽ عروج عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ   (انوکي ڪمائي ص27)  

  جيڪڏهن توهان کي به دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي ذريعي ڪا مدني بهار يا برڪت ملي هجي ته آخر ۾ مدني بهارمڪتب تي جمع ڪرايو