Book Name:Fazail e Sadqat

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

ا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

برڪاتِ صدقات

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                         وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ     وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

تاجدارِ مدينه، رَاحتِ قلب و سِينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فَرمانِ رَحمت نِشان آهي: جنهن مون تي هڪ ڀيرو دُرُودِ پاڪ پڙھيو اللہ  پاڪ ان تي ڏھ (10) رَحمتون نازِل فرمائيندو آهي ۽ جيڪو مون تي ڏھ (10) ڀيرا دُرُودِ پاڪ پڙھي اللہ  پاڪ ان تي سو (100) رحمتون نازل ڪندو آهي ۽ جيڪو مون تي سو (100) ڀيرا دُرُودِ پاڪ پڙھي اللہ  پاڪ ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکي ڇڏيندو آهي ته هي نِفاق ۽ جَهنَّم جي باھ کان آزاد آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ رکندو۔ (معجم الأوسط، ۵ /۲۵۲،حديث:۷۲۳۵)

یانَبی! تُجھ پہ لاکھوں دُرُوْد و سلام       اِس پہ ہے ناز مُجھ کو ہُوں تیرا غُلام

اپنی رَحمت سے تُو شاہِ خَیرُالاَنام         مُجھ سے عاصِی کا بھی ناز بَرْدَار  ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.