Book Name:Fazail e Sadqat
مَثَلُ الَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ اَنْۢبَتَتْ سَبْعَ سَنَابِلَ فِیْ كُلِّ سُنْۢبُلَةٍ مِّائَةُ حَبَّةٍؕ-وَ اللّٰهُ یُضٰعِفُ لِمَنْ یَّشَآءُؕ-وَ اللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۲۶۱)
ترجمو ڪنزالايمان: انهن جو مثال جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن اُن داڻي وانگر جنهن ڄمايا ست سنگ هر سنگ ۾ سؤ داڻا الله ان کان به وڌيڪ وڌائي ٿو جنهن لاءِ گهري، ۽ الله وسعت وارو علم وارو آهي.
بيان ڪيل آيتِ سڳوري تحت تفسيرِ صراطُ الجنان جلد 1 صفحه 395 تي آهي: راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ وارن جي فضيلت هڪ مثال جي ذريعي بيان ڪئي پئي وڃي ته اهو ائين آهي جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ هڪ داڻو ٻج پوکيندو آهي جنهن مان ست سنگ نڪرندا آهن ۽ هر سنگ ۾ سو داڻا پيدا ٿيندا آهن۔ ڄڻ هڪ ٻج کي داڻي طور تي پوکيندڙ ست سو ڀيرا وڌيڪ حاصل ڪري ٿو، اهڙي طرح جيڪو شخص راھ خدا ۾ خرچ ڪندو آهي اللہ تعاليٰ ان کي ان جي اخلاص جي اعتبار سان ست سو ڀيرا وڌيڪ ثواب عطا ڪندو آهي ۽ اها به ڪا حد نه آهي بلڪ اللہ تعاليٰ جا خزانا ڀريل آهن ۽ هو ڪريم ۽ جَوّاد آهي جنهن جي لاءِ چاهي ان کان به وڌيڪ ثواب عطا ڪري۔ (صراط الجنان،۱/۳۹۵)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!جڏهن هن فرمانِ خداوندي مان هن ڳالھ جي سند ملي وئي ته جيڪو خوش نصيب پنهنجي مال مان هڪ روپيو راھ خُدا ۾ خَرچ ڪري ته اللہ ڪريم پنهنجي فضل ۽ احسان سان ان هڪ جي بدلي 700 گنا وڌيڪ عطا فرمائيندو ته ڪو نادان ئي راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ کان پري ڀڄندو۔
حضرت سَيدُنا امام شمسُ الدِّين قُرطبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن اها آيتِ مُبارَڪه نازِل ٿي ته نبي اڪرم، نورِ مُجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بارگاھ خُداوَندي ۾ عرض ڪيو: رَبِّ زِدْ اُمَّتِي يعني اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! منهنجي اُمّت کي ان کان به وڌيڪ اجر ۽ ثواب عطا فرماءِ ته بارگاھ خداوندي مان اها خوشخبري ملي، (جيئن