Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

سخت حاجت مند آهيان، مون کي ڪجھ رقم ڏي۔ ان رحم دل عبادت گذار شخص اها سڄي رقم ان غريب حاجت مند سوالي کي ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ خالي هٿين گھر موٽي آيو.

 جڏهن گھر وارن پڇيو: کاڌو ڪٿي آهي؟ ته ان جواب ڏنو: مون سان هڪ حاجت مند سوال ڪيو، جيڪو اسان کان وڌيڪ حاجت مند هو، انڪري مون سڄي رقم ان کي ڏئي ڇڏي۔ گھر وارن چيو: هاڻي اسان ڇا کائينداسين؟ اسان وٽ ته گھر ۾ ڪجھ به نه آهي۔ هن نيڪ شخص گھر ۾ نگاھ ڦيرائي ته ان کي هڪ ٽٽل پيالو ۽ دِلو نظر آيو۔ ان اهي ٻئي شيون کنيون ۽ بازار ڏانهن ويو هن اُميد سان ته شايد انهن کي ڪو خريدي وٺي ۽ مان ڪجھ کاڌي لاءِ سامان وٺي اچان۔ پوءِ هو بازار پهتو پر ڪنهن به ان کان اهو ٽٽل پيالو ۽ دِلو نه خريد ڪيو۔ ايتري ۾ هڪ شخص لنگھيو جنهن وٽ هڪ خراب سڄيل مڇي هئي، مڇي واري چيائين: تون منهنجو خراب مال پنهنجي خراب مال جي بدلي خريدي وٺ يعني هي ٽٽل پيالو ۽ دِلو مون کي ڏي ۽ تون مون سان اها سڄيل خراب مڇي وٺ۔ ان عابد شخص اهو سودو منظور ڪري ورتو ۽ خراب مڇي وٺي گھر موٽي آيو ۽ گھر وارن جي حوالي ڪئي۔ جڏهن انهن ان مڇي کي ڏٺو ته چوڻ لڳا: اسان هن بيڪار مڇي کي ڇا ڪيون؟ ان عابد شخص چيائين: توهان ان کي ڀُڃي وٺو اسان ان کي ئي کائينداسين، اللہ  پاڪ جي ذات مان اُميد آهي ته هو مون کي رزق ضرور عطا ڪندو.

 پوءِ گھر وارن جڏهن مڇي جو پيٽ چيريو ته ان جي اندران هڪ نهايت قيمتي موتي (Pearl) نڪتو، گھر وارن عابد کي خبر ڏني۔ جڏهن صبح ٿي ته اهو عابد شخص هن موتي کي کڻي جوهري (هيرن جواهرن جو ڪم ڪرڻ وارو) وٽ ويو، جڏهن جوهري اهو موتي ڏٺو ته حيران ٿي چوڻ لڳو: تو وٽ اهو موتي ڪٿان آيو؟ ان نيڪ ماڻهو جواب ڏنو ته: اسان کي اللہ  پاڪ اهو رزق عطا ڪيو آهي۔ جوهري چيائين: اهو وڏو قيمتي موتي آهي، منهنجو خيال آهي هن جي قيمت ٽيھ(30) هزار درهم آهي، توهان هيئن ڪيو ته فلاڻي جوهري وٽ هليا وڃو، هو توکي ان جي سڄي قيمت ڏئي سگھندو۔ پوءِ اهو نيڪ شخص هن موتي کي کڻي ٻئي جوهري وٽ پهتو۔ جڏهن ان قيمتي موتي ڏٺو ته هو به ان کي ڏسي حيران ٿيو ۽ پڇيائين: هي تو