Book Name:Fazail e Sadqat
وٽ ڪٿان آيو؟ عابد ساڳيو جواب ڏنو ته هي اسان کي اللہ پاڪ جي طرفان رزق عطا ڪيو ويو آهي۔ جوهري چيو: هن جي قيمت گھٽ مان گھٽ ستر(70) هزار (درهم) آهي، مون کي ته ان شخص تي افسوس ٿي رهيو آهي.
جنهن توکي ايترو قيمتي موتي ڏنو آهي بهرحال ستر(70) هزار درهم وٺ ۽ اهو موتي مون کي ڏئي ڇڏ۔ جڏهن اهو عابد سموري رقم کڻي پنهنجي گھر پهتو ته ان وٽ هڪ سوالي آيو ۽ چيائين: مون کي هن مال مان ڪجھ ڏيو جيڪو توهان کي اللہ پاڪ عطا ڪيو آهي۔ ان نيڪ شخص چيو: اسان به ڪل تائين توهان وانگر محتاج ۽ غريب هئاسين۔ هي وٺ تون هن مان اڌ مال کڻي وڃ۔ هي ڏسي ان سوالي چيو: اللہ پاڪ توهان کي برڪتون عطا ڪري، مان ته اللہ پاڪ جو هڪ ملائڪ آهيان، مون کي توهان جي آزمائش جي لاءِ موڪليو ويو آهي۔ )عيون الحڪايات،الحڪايۃ الخامسۃ عشر بعد المائۃ، ص ۱۳۳ملخصاً(
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته اللہ پاڪ جي راھ ۾ مال خرچ ڪرڻ ۽ هڪ محتاج جي مدد جي برڪت سان ان غريب شخص کي ڪيتري قدر مال عطا ڪيو ويو۔ يقيناً اها ڳالھ سچ آهي ته جيڪو ٻين جي مدد ڪري اللہ ڪريم به ان جي مدد ڪندو آهي۔ جيڪو ڪنهن تي رحم ڪري اللہ پاڪ به ان تي رحم فرمائيندو آهي۔ ياد رکو! صدقو ۽ خَيرات ڪرڻ سان مال ۾ ڪا ڪمي ناهي ٿيندي۔ راھ خدا ۾ خرچ (Spend) ڪيو وڃي ته ان جو ثواب به ملندو آهي ۽ ان جي برڪت سان مال ۾ خيرو برڪت به ٿيندي آهي۔ جيئن ته بيان ڪيل حڪايت ۾ ان غريب شخص پنهنجي سڄي ڏينهن جي ڪمائي اللہ جي رضا جي لاءِ صدقو ڪري ڇڏي ۽ صدقي جي برڪت سان ملڻ واري مال مان به اڌ مال راھِ خدا ۾ ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو۔ ياد رکو! راھ خُدا ۾ خَرچ ڪرڻ، اِنسان جي پنهنجي ذات جي لاءِ ئي فائديمند آهي، جيڪي ماڻهو دل کولي نيڪي جي ڪمن ۾ خرچ ڪن ٿا، غريبن محتاجن جي مدد ڪن ٿا اُنهن جي مال ۾ حيرت انگيز طور تي ڏينهن رات ٻيڻ تي ترقّي ۽ برڪت ٿيندي آهي۔ جيئن سيپارو 3 سُوْرَۃُ الْبَقَرَۃ آيت نمبر 261 ۾ ارشاد آهي: