Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

ويندو آهي۔ (صراط الجنان ،۹/۳۳۳)

ڪتاب ضياءِ صدقات جو تعارف

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته ڪنجوسي جا ڪهڙا دِيني ۽ دُنيوي نقصان آهن۔ اسان کي انهن سمورن نُقصانن کان بچڻ جي لاءِ وقت بوقت صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جو مَعمُول بڻائڻ گھرجي، فضول خرچي کان بچندي پنهنجي ضرورتن سان گڏوگڏ غريبن جي مدد به ڪرڻ گھرجي۔ راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ ۽ بخل جهڙي بيماري کان نجات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب ضياءِ صَدَقات جو مُطالعو نهايت مُفيد آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ صَدَقي جي معني ۽ قِسمون، فرض زڪوٰة جو بَيان، صله رحمي (رِشتي دارن سان حُسنِ سُلوڪ) جون فضيلتون، بُخل جي مَذَمَّت وغيره ۽ صدقو ڏيڻ جون فضيلتون، ۽ نه ڏيڻ جي وعيدن تي مشتمل قرآني آيتون ۽ مبارڪ حديثون ۽ بزرگ سڳورن جي قولن کي بيان ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان ھَديو ڏئي طَلَب ڪري پاڻ به هن

جو مُطالعو ڪيو، ۽ ٻين اسلامي ڀينرن کي به هن جي ڀرپور ترغيب ڏياريو۔ ان کان علاوه اميرِ اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه جو رِسالو "مديني جي مڇي" ۽ مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل رِسالو "صدقي جو اِنعام" پڙھڻ به بيحد مُفيد ٿيندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب ۽ هنن رسالن کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بيان جو خُلاصو:

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اڄ جي بيان ۾ اسان صدقي ۽ خيرات جون فضيلتون ۽ بخل جي مذمت جي باري ۾ ٻڌو ته

٭صدقي ۽ خَيرات جي برڪت سان رزق ۾ ڪشادَگي ايندي آهي۔

٭صدقي ۽ خَيرات جي برڪت ڪڏهن هٿو هٿ به ظاهر ٿيندي آهي ۔