Fazail e Sadqat

Book Name:Fazail e Sadqat

ٿي ته حضرت زيد بن حارثه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه پنهنجي (پسنديده) گھوڙي کي وٺي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيو: يا رسول اللہ !صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ، اوهان هن گھوڙي کي صدقو ڪري ڇڏيو۔ تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو گھوڙو ان جي پُٽ حضرت اُسامه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه کي عطا ڪيو ته حضرت زيد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه عرض ڪيو: مون هن گھوڙي کي صرف (اللہ  تعاليٰ جي راھ ۾) صدقو ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: بيشڪ تنهنجو صدقو قبول ڪيو ويو آهي۔

(تاريخِ ابن عساڪر ، ذڪر من اسمه زيد، زيد بن حارثه بن شراحيل، ۱۹/۳۶۷ )

کنڊ جون ٻوريون صدقو ڪندا هئا!

      (3)حضرت سيّدنا عُمر بن عبدالعزيز رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه شڪر (کنڊ) جون ٻوريون خريدي صدقو ڪندا هئا۔ اوهان کي چيو ويو: هن جي قيمت صدقو ڇو نٿا ڪيو؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: کنڊ مون کي محبوب ۽ پسند آهي، مان چاهيان ٿو ته راھ خدا ۾ پنهنجي پياري شيء کي خرچ ڪيان۔ (تفسيرِمدارڪ، آل عمران، تحت الآيۃ: ۹۲، ص۱۷۲)

 

میں سب دولت رہِ حق میں لُٹا دُوں      شہا ایسا مجھے جذبہ عطا ہو

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

8مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مدني انعامات‘‘

            پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن اوهان به صدقو ۽ خيرات جو جذبو وڌائڻ چاهيو ٿيون ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته ((Associate ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو. 8 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني انعامات تي عمل ڪرڻ به آهي، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا عطا ڪيل 63 مدني انعامات نيڪ بڻجڻ ۽ پنهنجي احتساب جو بهترين نسخو آهي. ۽ پنهنجو محاسبو ڪرڻ جي حوالي سان حضرت سيدنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو!پنهنجي نفس جو محاسبو ڪيو ان کان پهريان جو توهان جو حساب ورتو وڃي ۽ وزن ڪيو وڃڻ کان پهريان پنهنجي عملن جو پاڻ وزن ڪيو ۽ تمام وڏي پيشي جي لاءِ تيار ٿي وڃو (فيضان