Book Name:Gaflat Ka Anjaam

خوفناڪ انڌيري قبر ۾ سمهاري ڇڏي پوءِ اهي رڙيون ڪندا رهجي وڃن ته اي مالڪ! مون کي ٻيهر دنيا ۾ موڪل ته جيئن اتي وڃي تنهنجي عبادت ڪريان، پنهنجي سموري دولت تنهنجي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيندس. پنجئي نمازون تڪبيرِ اُوليٰ سان باجماعت ادا ڪندس، ياد رکو! ان وقت جون رڙيون ۽ دانهون ڪوئي فائدو نه ڏينديون ڇوته قرآن ڪريم اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪو آهي جيئن 28 سيپاري سورةُ المنافِقون جي آيت 10 ۽ 11 ۾ ارشاد آهي؛

وَ اَنْفِقُوْا مِنْ مَّا رَزَقْنٰكُمْ مِّنْ قَبْلِ اَنْ یَّاْتِیَ اَحَدَكُمُ الْمَوْتُ فَیَقُوْلَ رَبِّ لَوْ لَاۤ اَخَّرْتَنِیْۤ اِلٰۤى اَجَلٍ قَرِیْبٍۙ-فَاَصَّدَّقَ وَ اَكُنْ مِّنَ الصّٰلِحِیْنَ(۱۰)وَ لَنْ یُّؤَخِّرَ اللّٰهُ نَفْسًا اِذَا جَآءَ اَجَلُهَاؕ-وَ اللّٰهُ خَبِیْرٌۢ بِمَا تَعْمَلُوْنَ۠(۱۱)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ڪجهه خرچ ڪيو اسان جي ڏني مان (اسان جي واٽ ۾) هن کان اڳ جو توهان مان ڪنهن تي موت اچي پوءِ چوي اي منهنجا رب! تو مون کي ٿوري مدت تائين ڇو نه مهلت ڏني مان صدقو ڏيان ها ۽ نيڪن مان ٿيان ها ۽ الله هرگز ڪنهن به جان کي مهلت نه ڏيندو جڏهن ان جو وقت اچي وڃي ۽ الله   کي توهان جي ڪمن جي خبر آهي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته موت جي وقت انسان غفلت مان بيدار ٿي ويندو آهي ۽ هو ان وقت گھڻو افسوس ڪندو ته ڪاش! مون کي ٿوري مهلت ملي وڃي ها ۽ مان نيڪ عمل ڪيان ها، ڪاش مان پنهنجي زندگي کي غفلت ۾ نه گذاريان ها، ڪاش! مان ربِ ڪريم کي راضي ڪري وٺان ها پر ان وقت پڇتائڻ مان ڪو فائدو نه ٿيندو۔ تنهنڪري عَقل مند (Wise) اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي زندگي ۾ غفلت مان بيدار ٿي نيڪين جو ذَخيرو گڏ ڪري وٺي ۽ سُنَّتن جو مَدَني چَراغ قَبر ۾ کڻي وڃي ۽ ائين قَبر جي روشني جو اِنتِظام ڪري وٺي نه ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضي جي صُورت ۾ حَسرت ۽ شرمساري جي علاوه ٻيو ڪجھ نه ورندو۔

مال ورهائڻ جي به مهلت نه ملي

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 417