Book Name:Gaflat Ka Anjaam

٭  غفلت جي سبب انسان گناهن ۾ ملوث ٿي ويندو آهي۔

٭  غفلت جي سبب انسان جهنم جي اونهي کڏ ۾ وڃي ڪرندو آهي۔

٭  غفلت جي سبب انسان يادِ الهي ۽ اِطاعت ِ الٰهي کان پري ٿي ويندو آهي۔

٭  غفلت جي سبب انسان هروقت مال ۽ دولت ڪمائڻ جي حرص ۾ مبتلا رهندو آهي۔

      الله ڪريم اسان کي نيڪ عمل ڪرڻ ۽ غفلت کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

 سینہ  تری سُنَّت کا مدینہ بنے          آقا       جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت اميرِاهلسنتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيهجي رسالي ’’101 مدني گل‘‘مان جتي پائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔

جتي پائڻ جون سنتون ۽ آداب     

          فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ]1[ جتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان جيستائين جتي پائي رکندو آهي ڄڻ اهو سوار آهي (يعني ٿڪاوٽ


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵