Book Name:Gaflat Ka Anjaam

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

غفلت جو انجام

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ      

                                                اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                   وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ                               

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاوي شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري، ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو) ۔

دُرُود شريف جي فضيلت

ٻنهي جھانن جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جيڪو مون تي جُمُعي جي ڏينهن ۽ رات ۾ سو (100) ڀيرا دُرودِپاڪ پڙھي، الله عَزَّوَجَلَّ ان جون سو(100)حاجتون پوريون ڪندو، ستَّر(70) آخرت جون ۽ ٽيھ (30) دُنيا جون ۽ الله عَزَّوَجَلَّ هڪ ملائڪ مُقَرَّر ڪندو، جيڪو ان دُرودِ پاڪ کي منهنجي قبر ۾ ائين پهچائيندو، جيئن توهان کي تحفا پيش ڪيا ويندا آهن، بيشڪ منهنجو علم منهنجي وِصال کان بعد اهڙو ئي هوندو جيئن منهنجي حياتي ۾ آهي۔ ( جمع الجوامع اللسيوطي ،۷/۱۹۹،حديث:۲۲۳۵۵)