Book Name:Gaflat Ka Anjaam

(2) سٺي صحبت اختيار ڪرڻ!

غفلت ڀري زندگي کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو ڇوته ان جي برڪت سان اسان کي گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جي توفيق ملندي۔ اڄوڪي دور ۾ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول چڱي صحبت ماڻڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي نِعْمتِ کان گھٽ ناهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن مدني ماحول جي برڪت سان هينئر تائين لکين مسلمان گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا آهن۔ اسان کي به بري صحبت کان بچڻ گهرجي جو بُري صحبت اسان جي دُنيا سان گڏوگڏ آخرت جي بربادي جو سامان بڻجي سگھي ٿي۔ احاديث ِمبارڪه ۾ بُرن ماڻهن جي صحبت کان بچڻ جو حڪم آهي۔ ته پوءِ هن باري ۾ ٻه فرمانِ مُصطفيٰ ٻڌو ۽ عمل جي ڪوشش ڪريو۔

٭  ارشاد فرمايائون: بُري ساٿي کان بچو ڇوته هو جهنّم جو هڪ ٽڪڙو آهي، ان جي مَحَبَّت توهان کي فائدو نه پهچائيندي ۽ هو توهان کان پنهنجو واعدو پورو نه ڪندو۔ (فردوس الاخبار،۱/۲۲۴، حديث:۱۵۷۳)

٭  ارشاد فرمايائون: بُري ساٿيءَ کان بچ جو تون ان سان ئي گڏ سڃاتو ويندي۔ (يعني جهڙن ماڻهن وٽ انسان جي اٿ ويهه ٿيندي آهي ماڻهو ان کي اهڙو ئي سمجھندا آهن)۔ (ابن عساڪر، الحسين بن جعفر بن محمد بن حمدان۔۔ الخ، ۱۴/۴۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

(3)بُزرگانِ دين جي سيرت جو مطالعو ڪرڻ!

          غفلت ۽ گناهن ڀري زندگي کان جان ڇڏائڻ، نيڪين جو پابند بڻجڻ، قرآن ۽ سنت جي مطابق زندگي گذارڻ جو هڪ طريقو بُزرگانِ دين جي سيرتِ مبارڪه جو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن جي سيرت ۽ ڪردار جي مطابق عمل ڪرڻ به آهي، ڇوته اسان جا بُزرگ سڳورا هر وقت عبادتِ الٰهي ۽ فڪرِ آخرت ۾ مصروف رهندا هئا، اهڙي ئي هڪ هستي جن جي علم ۽ عمل، ڪردار ۽