Book Name:Gaflat Ka Anjaam

ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دن                                          قبر  میں  ہوگا  ٹھکانا ایک دن

منہ  خدا کو ہے  دِکھانا  ایک دن                               اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے                                           کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ واقعي اسان جي حالت اها ٿيندي پئي وڃي جو اسان دنيا ڪمائڻ جي لاءِ ته گھڻي ڪوشش ڪيون ٿا پر فڪرِ آخرت کان غافل رهون ٿا، ڏينهن رات مالدار ٿيڻ جا سنهرا خواب ته ڏسون ٿا، بهترين گاڏين ۾ گھمڻ، نئوان نئوان فيشن اپنائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪريون ٿا پر اسان اهو وساري ويهون ٿا ته هڪ ڏينهن اسان کي مرڻو به پوندو ۽ هن پُر رونق ۽ وسندڙ دنيا کي ڇڏي خالي هٿين هتان کان وڃڻو پوندو۔ پر اسان مان ڪنهن کي معلوم ناهي ته اسان جو موت ڪڏهن ايندو، اڄ جو ڏينهن اسان جي زِندگي جو آخري ڏينهن ٿيندو يا ايندڙ رات اسان جي زِندگي جي آخري رات ٿيندي، بلڪ اسان وٽ ته ان جي به ضَمانت نه آهي ته هڪ کان بعد ٻيو ساھ کڻي به سگھنداسين يا نه؟ ممڪن آهي جيڪي ساھ اسان کڻي رهيا آهيون، اهي ئي آخري هجن ٻيو ساھ کڻڻ جي نوبت ئي نه اچي۔ هر ڏينهن اهي خبرون اسان کي ٻڌڻ جي لاءِ ملنديون آهن ته فُلاڻو شخص بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو، ان کي بظاهر ڪو مَرض به نه هو، پر اوچتو دل جو دورو پوڻ جي ڪري ڪجھ ئي گھڙين ۾ موت جي وادي ۾ هليو ويو، اچو! پاڻ کي غفلت مان جاڳائڻ جي لاءِ ٻه عبرت ناڪ واقعا ٻڌون ٿا، اي ڪاش!اسان گناهن کان سچي ۽ پڪي توبهه ڪري نيڪين ۾ مشغول  ٿي وڃون۔

(1)سيلاب ۾ غرق ٿي ويو

منقول آهي هڪ شخص سيلاب (Flood) اچڻ واري هنڌ پنهنجو گھر بڻايو هو۔ جڏهن ان کي چيو ويو ته هي نهايت خطرناڪ مقام آهي هتان کان پري هليو وڃ، ته ان چيو: مون کي خبر آهي ته اهو هنڌ خطرناڪ آهي پر ان