Book Name:Gaflat Ka Anjaam

صَفحن تي مُشتَمِل ڪتاب ”اِحياءُ العُلُوم جو خُلاصَه“ صَفحي 389 تي آهي ته حضرت سَيدُنا ابُو بَڪر بن عَبدُالله مُزنِي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: بَنِي اِسرَائِيل مان هڪ شخص مال گڏ ڪيو۔ جڏهن ان جي مَوت جو وَقت قريب آيو ته پٽن کي چوڻ لڳو: مون کي منهنجو مُختَلِف مال ڏيکاريو، ان وٽ تمام گھڻا گھوڙا، اُٺ ۽ غُلام آندا ويا۔ جڏهن ان انهن ڏانهن ڏٺو ته حَسرَت مان روئڻ لڳو۔ مَلَڪ المَوت عَلَيه السَّلَام ان کي روئيندي ڏٺو ته چيائون: ڇو روئي رهيا آهيو؟ ان ذات جو قسم! جنهن تو کي اهو سڀ ڪجھ ڏنو آهي! جيستائين مان تنهنجي رُوح ۽ بَدَن کي هڪ ٻئي کان جدا نه ڪيان هتان کان نه ويندس، ان چيو: مون کي ڪجھ مُهلَت ڏيو ته مان هن مال کي ورهائي وٺان۔ فِرِشتي چيو: هاڻي تو کي مُهلَت نه ملندي، تو اهو ڪم پنهنجي مَوت جي اچڻ کان پهريان ڇو نه ڪيو۔ پوءِ مَلَڪ المَوت عَلَيه السَّلَام اُن جو رُوح قَبض ڪري ورتو۔

بے وفا دُنیا پہ مَت کر اِعتبار        تُو اَچانَک مَوْت کا ہوگا شِکار

مَوْت آ کر ہی رہے گی یاد رَکھ!        جان جا کر ہی رہے گی یاد رَکھ!

تیری طاقت تیرا فَن عُہدہ تِرا          کچھ نہ کام آئے گا سَرمایہ تِرا

کرلے تَوْبَہ رَبّ کی رَحْمت ہے بڑی        قَبْر میں ورنہ سَزا ہوگی کڑی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

انوکي شرمساري

حُجَّةُالاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمدغزاليرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سيّدنا شيخ ابو علي دَقّاق رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمايو ته هڪ تمام وڏو وليُّ الله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سخت بيمار هو، مان ان جي عيادت جي لاءِ حاضر ٿيس، ان جي شاگردن جو چوڌاري هُجُوم کي ويٺل ڏٺو، اهو بزرگ روئي رهيو هو، مون عرض ڪيو: سائين! ڇا دنيا کي ڇڏڻ تي روئي رهيا آهيو؟ فرمايائون: نه بلڪ نمازون قضا