Book Name:Gaflat Ka Anjaam

جي خُوبصورتي ۽ شادابي مون کي تَعَجُّب ۾ وڌو آهي۔ ان کي چيو ويو ته تمام رونقون ۽ خُوبصورتيون زندگي سان گڏ آهن، تنهنڪري پنهنجي جان جي حفاظت ڪر، پنهنجو پاڻ کي خطري ۾ نه وجھ۔ ان چيائين: مان اهو گھر هرگز نه ڇڏندس۔ پوءِ هڪ رات ننڊ جي حالت ۾ ان کي سيلاب اچي ورتو ۽ هو غرق ٿي مري ويو۔                                 (عيون الحڪايات،ص۴۴۶ )

(2)شادي جا ارمان خاڪ ۾ ملي ويا

سردارآباد (فيصل آباد) جي ميڊيڪل ڪاليج جي فائنل ائير(final year)  جو هڪ تمام ذهين شاگرد پنهنجي دوستن سان گڏ پڪنڪ لاءِ نڪتو. پڪنڪ پوائنٽ تي پهچي ان جو دوست نديءَ ۾ ترڻ لاءِ لٿو پر ٻُڏڻ لڳو، مستقبل جي ڊاڪٽر ان کي بچائڻ جي ارادي سان جذبات ۾ اچي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو، هو تارو ته هيو ئي نه تنهنڪري پاڻ به ڦاسي پيو. قسمت جي ڳالهه جو ان جو دوست ته جيئن تيئن ڪري نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر آهه!مستقبل جو ڊاڪٽر ويچارو ٻُڏي موت جي منهن ۾ هليو ويو. روڄ راڙو ٿي ويو، پيءُ ماءُ جي پوڙهائپ جو سهارو پاڻيءَ جي موجن جي حوالي ٿي ويو، ماءُ پيءُ جا خوبصورت سپنا پورا نه ٿي سگهيا ۽ اهو ويچارو ذهين شاگرد M.B.B.S جي فائنل امتحان جو نتيجو هٿ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي قبر جي امتحان ۾ مبتلا ٿي ويو.

ملے  خاک  میں  اہلِ  شاں  کیسے  کیسے       مکیں  ہو گئے  لا مکاں  کیسے  کیسے

ہوئے   نامور   بے  نشان  کیسے  کیسے           زمین  کھا گئی  نوجوان  کیسے  کیسے

جگہ   جی  لگانے  کی  دنیا  نہیں  ہے         یہ عبرت کی  جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد