Book Name:Gaflat Ka Anjaam

انهن جي خيريّت پڇي، پوءِ پڇيو؛ اوهان جي اها حالت ڇا جي ڪري ٿي آهي؟ ته انهن فرمايو؛ پٽ اسان غفلت ۾ زندگي گذاري، وقت ضايع ڪرڻ ۾ لڳارهياسين ته زمانو اسان کان رُسي ويو۔ مون چيو؛ پنهنجي شان ۽ شوڪت جو ڪو واقعو ٻڌايو، چوڻ لڳيون؛ ڇونه! هڪ ننڍڙو واقعو ٻڌايان ٿي ان مان منهنجي شان ۽ شوڪت جو اندازو لڳائي وٺجان، اڄ کان ٽي سال اڳ قرباني جي عيد جي موقعي تي مون وٽ چار سؤ پوتيون هيون۔ منهنجي پٽ رسم جي طور تي مون وٽ هڪ هزار چار سؤ ٻڪرن ۽ ٽي سؤ ڍڳن جون منڍيون موڪليائين، زيور ۽ ڪپڙا وغيره ان کان علاوه هئا۔ ان جي باوجود منهنجو هي خيال هو ته منهنجو پٽ نافرمان آهي ۽ اڄ هي حال آهي جو آئون توهان وٽ ٻن ٻڪرين جون کلون وٺڻ آئي آهيان ته جيئن انهن مان ڪپڙا ٺاهيان۔ قاضي صاحب فرمائن ٿا؛ انهن جي زوال جي داستان ٻڌي آئون ڏاڍو غمگين ٿيس ۽ منهنجي اکين مان لُڙڪ جاري ٿي ويا، ان وقت مون وٽ جيڪي دينار هئا مون انهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيا۔ (بَحْرُالدُّمُوْعِ، الفصل السادس عشر،في ذھاب اللذة ۔۔الخ، ص۱۰۵)

نہیں درکار وہ خوشیاں، جو غفلت کا بنیں ساماں

عطا کر اپنی اُلفت اپنے پیارے کا تُو غم مولیٰ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

غفلت جا سبب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي جيڪو شخص دُنيوي نعمتن سان دل لڳائي ٿو اهو پنهنجي آخرت جي باري ۾ غفلت جو شِڪار ٿي ئي ويندو آهي۔ غفلت ٻانهي کي گناهن تي دلير ڪندي آهي۔ غفلت ٻانهي کي نيڪين کان پري ڪندي آهي۔ غفلت (Carelessness) ربُّ العزّت جي ناراضي جو سبب بڻجندي آهي۔ الله پاڪ اسان کي دنيا ۾ بي شمار نعمتون عطا ڪيون آهن، سٺو واپار ۽ ملازمت الله پاڪ جي نعمت آهي ۔ عاليشان گھر ۽ ان ۾کوڙ سهولتون نعمت آهن۔ عمده سواري به عظيم نعمت آهي۔ ماءُ پيءُ جي لاءِ اولاد به نعمت آهي پر ياد رکو!