Book Name:Gaflat Ka Anjaam

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدني دورو‘‘

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي نه صرف پاڻ پنهنجي زندگي رَبِّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ گذارڻ گھرجي بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن ۾ فڪرِ آخرت پيدا ڪرڻ جي لاءِ انهن کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪرڻ گھرجي ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ گھرجي۔ 12مدني ڪمن مان هڪ هفتيوار مدني ڪم ”مدني دورو “ به آهي جنهن جي ذريعي گھرگھر، دڪان دُڪان ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ته اهڙو اَهمّ فَريضو آهي جو سڀني ئي اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام بلڪ خُود سيدُالانبياء، محبوبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي به انهيءَ مَقصَد جي لاءِ دُنيا ۾ موڪليو ويو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن مدني ڪم جا بي شمار ديني ۽ دنيوي فائدا (Benefits) آهن ٭ مدني دوري جي برڪت سان پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري سنت تي عمل ٿيندو آهي۔ ٭ مدني دوري جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سُنّت عام ٿيندي آهي۔ ٭مدني دوري جي برڪت سان علمِ دِين ۽ نيڪي جي دعوت سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّت ِ مسلمه تائين پهچايا ويندا آهن۔ ٭مدني دوري جي برڪت سان بي نمازين کي نمازي بنائڻ ۾ گھڻي مددحاصل ٿيندي آهي۔ ٭ مدني دوري جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي آهي ۽ جيڪي اسلامي ڀائر مدني دوري ۾ شرڪت ڪن ٿا، اَميرِاهلسنتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي ائين دعائن سان نوازيندا رهندا آهن۔

جو نیکی کی دعوت کی دُھومیں مچائے

میں دیتا ہوں اُس کو دعائے مدینہ

      اچو! تَرغِيب لاءِ مدني دوري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني دورو ڪرڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن