Book Name:Gaflat Ka Anjaam

آسان بنائڻ جي لاءِ ته شايد اسان جي دولت ڪم اچي سگھي ٿي پر اسان جي بداعمالين جي سبب قبر ۾ عذاب ڏنو ويو ته ڇا اتي به اها دولت ڪم ايندي؟ منڪرنڪير جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھنداسين ته ڇا ان وقت به اسان پنهنجي دولت مان نفعو کڻي سگھنداسين؟ قبر ۾ نانگ وڇوئن حملو ڪيو ته ڇا اسان جي دولت ان کان نجات جو سبب بڻجي سگھندي؟ بروزِ محشر جي هولناڪين ۾ ڇا اسان جي دولت راحت ۽ سڪون جو سبب بڻجي سگھندي؟ ڇا جهنم کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي لاءِ اسان جي دولت ڪم اچي سگھندي؟ نه هرگز نه بلڪ انهن مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جا اهي نيڪ عمل ئي نجات جو ذريعو بڻجندا جن کان اڄ اسان غافل آهيون۔

مان ڪيئن خوش رهان؟

      حضرتِ سيدنا عون بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائيندا هئا؛ ته افسوس! آئون ڪيتري غفلت ڪريان ٿو؟ حالانڪ مون کان حساب ۽ ڪتاب ۾ هرگز غفلت وارو ورتاءُ نه ڪيو ويندو، منهنجي زندگي ڪيئن خوشگوار ٿي سگهي ٿي؟ حالانڪ منهنجي سامهون هڪ ڏکيو ڏينهن آهي، آئون عمل ۾ چستي ڇو اختيار نٿو ڪريان، حالانڪ آئون نٿو ڄاڻان ته منهنجي موت جو وقت ڪهڙو آهي، آئون دنيا ۾ ڪيئن خوش رهان؟ جڏهن ته مون کي ان ۾ هميشه ناهي رهڻو، مان ان کي ترجيح ڇو ڏيان؟ مون کان پهرين جنهن به دنيا کي ترجيح ڏني، دنيا ان کي نقصان پهچايو، آئون ان کي ڇو پسند ڪريان؟ اها فنا ٿي، مٽجي ويندي، آئون ان جي لالچ ڇو رکان؟ ڇاڪاڻ ته منهنجو گهر ۽ منهنجي سڪون جي جڳهه ته ڪنهن ٻي هنڌ آهي، آئون هن (دنيا جي وڃڻ) تي ڇو افسوس ڪريان؟ ڇاڪاڻ ته خدا جو قسم! آئون نٿو ڄاڻان ته منهنجي گناهن جي سبب مون سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو۔

                                             (حلية الاولياء ، عون بن عبدالله، ۴/۲۸۵، رقم:۵۵۹۳، بتصرف)

غفلت کان بچڻ جا طريقا

             مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جا بُزرگ سڳورا پاڻ کي غفلت