Book Name:Gaflat Ka Anjaam

ٿيڻ تي روئي رهيو آهيان، مون عرض ڪيو: سائين! توهان ته عبادت گذار شخص هئا اوهان جون نمازون ڪيئن قضا ٿيون؟ فرمايائين: مون جڏهن به سجدو ڪيو ته غفلت سان ۽ جڏهن سجدي مان مٿو کنيو ته غفلت سان ۽ هاڻي غفلت ۾ ئي موت اچي رهيو آهي۔    (مڪاشفة القلوب ، ص۲۲)

صرف دعويٰ بي ڪار آهي :

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هر لمحو يادِ الٰهي ۾ گذارڻ ۽ هر گھڙي فڪرِ آخرت ۾ مشغول رهڻ جي باوجود به پنهنجي عبادت ۽ رياضت کي ڪجهه به نه سمجھندا هئا ۽ الله ڪريم جي بي نيازي کان ڊڄندي آھ زاري ڪندا هئا پر اسان غفلت جي مارين جو حال هي آهي جو پهريان ته نيڪيون ڪيون نٿا ۽ جيڪڏهن ڪو نيڪ ڪم ڪري به ورتو ته جيستائين چئن ماڻهن اڳيان پنهنجي نيڪ نامي جي ڌاڪ نه ويهاريون چين ناهي ايندو، الله ڪريم جا نيڪ ٻانها گناهن کان محفوظ هئڻ جي باوجود هر وقت ان جي خوف کان ڏڪندا ۽ ڳوڙها ڳاڙيندا هئا پر اسان غفلت ۾ ڀريل ڏينهن رات بي خوف گناهن ۾ مشغول رهڻ جي باوجود به ٿورو به نٿا ڊڄون ۽ ڳالهيون اهڙيون ڪيون ٿا جو اسان جهڙو ڪو نيڪ نه آهي۔ اسان کي هن غفلت مان بيدار ڪرڻ جي لاءِ حضرت سَيدنا شقيق بلخي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: ماڻهو ٽي ڳالهيون صرف زباني ڪن ٿا پر اهي عمل ان جي ابتڙ ڪندا آهن: (1) چون ٿا ته اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون پر ڪم غلامن جھڙو نه آهي بلڪه آزادن وانگر پنهنجي مرضي جا ڪندا آهن۔ (2) چون ٿا ته الله پاڪ ئي اسان کي رزق ڏي ٿو پر انهن جي دل دنيا ۽ دنياوي مال ميڙڻ بنا مطمئن نٿي ٿئي ۽ اهو انهن جي اقرار جي بلڪل خلاف آهي۔ (3) چون ٿا ته آخر اسان کي مرڻو آهي پر ڪم اهڙا ڪن ٿا جو جيئن انهن کي ڪڏهن مرڻو ئي نه آهي۔ ڪاشفة القلوب ،ص۴۵،ملخصا )