Book Name:Gaflat Ka Anjaam

۽ حرص کان بچائڻ جي لاءِ هروقت فڪرِ آخرت ۾ مشغول رهندا هئا۔ اسان کي به انهن جي سيرت تي هلندي زندگي ۾ ئي قبر ۽ حشر جي تياري شُروع ڪرڻ گھرجي ۽ غفلت جهڙي بيماري کان نجات جي لاءِ ان جو علاج ڪرڻ گھرجي ڇوته هر بيماري کان بچڻ جي لاءِ علاج جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي جنهن تي عمل ڪري شفاء ملي ويندي آهي۔ اچو! غفلت جهڙي مهلڪ بيماري کان بچڻ جا ڪجھ طريقا (Methods) ٻڌون ٿا ۽ پنهنجي آخرت بهتر بنائڻ جي لاءِ اڄ ۽ هاڻي کان نيت ڪريون ٿا ته اسان عفلت مان جان ڇڏائي آخرت جي تياري جي لاءِ ڀرپورڪوشش ڪندس۔  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

(1)دنياوي محبت کان بچڻ!

      اڄوڪي دور ۾نيڪين کان دور ٿيڻ ۽ غفلت جي اونهيءَ کڏ ۾ وڃي پوڻ جو هڪ اهم سبب دنيا جي محبت آهي جيڪا انسان کي حلال ۽ حرام جي تميز وساري نيڪين کان پري ڪندي آهي تنهنڪري پنهنجي دل کان دنياوي محبت ڪڍي ڇڏيو ڇوته اها ئي سڄي فساد جي جڙ آهي۔ حضور نبي رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جنهن کي دُنيا جي مَحَبَّت جو شربت پِياريو ويو، اهو ٽن (3) شين جو مزو ضرور چکيندو (۱) اهڙي سختي جنهن سان ان جي ٿَڪاوٽ دُور نه ٿيندي، (۲) اهڙو حرص جنهن کان اهو غَني نه ٿيندو، (۳) اهڙي خواہش جنهن کي پورو نه ڪري سگهندو۔  تنهنڪري جنهن دُنيا کي طلب ڪيو، آخرت ان جي مرڻ تائين ان کي تلاش ڪندي رهندي، جڏهن اهو مري ويندو ته اها ان کي پڪڙي وٺندي ۽ جنهن آخرت طلب ڪئي، دُنيا ان کي ڳوليندي رهندي ايستائين جو اهو ان مان پنهنجو پُورو رِزۡق حاصل ڪري وٺي۔ (طبراني ڪبير،عبدالله بن مسعود، ۱۰/ ۱۶۲،رقم: ۱۰۳۲۸،ملتقطا)

مرے دل سے دنیا کی چاہت  مٹا کر

کر اُلفت میں اپنی فنا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد