Book Name:Gaflat Ka Anjaam

سيرتِ مبارڪه جو مطالعو ڪرڻ سان غفلت کان بچي فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي آهي اها هستي عالم ِ باعمل، صوفي باصفا، حضرت سيدنا امام غزاليرَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي مبارڪ ذات به آهي جن جو هر لمحو يادِ الٰهي ۽ فڪرِ آخرت ۾ بسر ٿيندو هو، پاڻ رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه پنهنجي علمي شوق ۽ قابليت ۽ صلاحيت سان اهڙا اهڙا ڪارناما سراَنجام ڏنا جو سندن تعليمات کان اڄ به عَالَمِ اِسلام مُنور ٿي رهيو آهي، سندن مُبارڪ زِندگي مان اُمّتِ مُسلِمه کي اِطاعتِ خُداوَندي، سُنَّتن جي پاسداري، زُهدو تَقويٰ ۽ ٻيون گھڻيون نيڪ خصلتون اپنائڻ جو جذبو ملندو آهي، اچو! حُصُولِ بَرڪت ۽ نُزولِ رَحمت جي لاءِ سندن مُبارَڪ زِندگي جي ڪجھ مُختَصَر پهلوئن جي باري ۾ ٻڌون ٿا۔

نالو، نَسب، وِلادت ۽ وصال:       

      پاڻ رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي ڪنيت ابُوحامِد، لَقَب حُجَّة الاِسلَام (اسلام جو دليل) ۽ مبارڪ نالو محمد بن محمد غزالي شافعي آهي، اوهان ۴۵۰ھ ۾ ايران جي ضلعي طُوس جي علائقي طابِران ۾ پيدا ٿيا۔ (اتحاف السادة المتقين،مقدمة الڪتاب،۱/۹) اِبتدائي تعليم پنهنجي شهر ۾ حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم جي لاءِ (ايران جي اوڀرواري شهر) جُرجان تشريف کڻي ويا، 473هجري ۾ (ايران جي قديم شهر) ۾ علم ۾وڌيڪ مڪمل مهارت حاصل ڪئي۔ (اتحاف السادة المتقين، مقدمة الڪتاب،۱/۹) حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي هر تصنيف ئي علم ۽ عرفان جو وڏو قيمتي خزانو آهي مثال طور منهاج العابدين، ڪيمياءِ سعادت، مڪاشفة القلوب وغيره پر اِحياءُالعُلُوم اهڙو ڪتاب آهي جنهن جو مثال ڪتابن ۾ ملڻ مُشڪل آهي اهو ڪتاب انسان کي ’’ڪامل انسان ‘‘ بنائڻ ۾ بيحد مُعاوِن آهي هر دَور ۾ مَشائخ ۽ عارِف، قطب ۽ اَوليائن، عالمن ۽ صُوفين جي توجُّه جو مرڪز رهيو آهي، آخرڪار امام غزالي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه بروز سومر۱۴ جمادي الآخر 505ھ بمقام طابران (طُوس) ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو فرمايو ۽ اتي ئي سندن مَزار مبارڪ آهي۔