Book Name:Gaflat Ka Anjaam

مسجد آباد ٿي وئي

 بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته، اسان جو مدني قافلو پنجاب جي شهر جي هڪ مسجد ۾ پهتو، دروازي تي تالو لڳل هيو، ڪوشش ڪري چاٻي حاصل ڪري دروازو کوليو ويو ته هر شيء مٽيءَ سان ڀريل هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪافي عرصي کان مسجد بند پئي آهي۔ اسان سڀني گڏجي صفائي ڪئي، نماز عصر کان پوءِ مدني دوري جي لاءِ راند جي ميدان ۾ پهتاسين جتي راند ۾ مشغول نوجوانن کي نيڪي جي دعوت ڏني۔ اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ! ڪيئي نوجوان هٿو هٿ اسان سان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا، مسجد اچي اسان سان گڏ نمازون پڙهڻ ۽ۡ سنّتن ڀريا بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪيائون، اسان جي انفرادي ڪوشش تي انهن ان مسجد کي آباد ڪرڻ جي نيّت ڪئي، اهو منظر ڏسي اتي موجود 70 ورهين جو هڪ بزرگ روئيندي  فرمائڻ لڳو، مان ته ماڻهن کي مسجد آباد ڪرڻ جي لاءِ گھڻو چوندو رهندو هئس پر منهنجي ڪو به نه ٻڌندو هو، اَلحَمْدُللهعَزَّوَجَلَّ اڄ عاشقانِ رسول جي مدني دوري  جي برڪت سان اسان جي مسجد آباد ٿي وئي آهي۔

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے

           بنا            شائقِ         قافِلہ      یا      الٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

سون جي سِر

روايت آهي، هڪ شخص کي ڪٿان کان سون جي سر هٿ اچي وئي۔ هو دولت جي محبت ۾ مست ٿي، سڄي رات مختلف منصوبا ٺاهيندو رهيو ته هاڻي مان سٺا سٺا کاڌا کائيندس، بهترين ڪپڙا سبرائيندس ۽ کوڙ سارا نوڪر چاڪر رکندس، مقصد ته مالدار بڻجي وڃڻ جي ڪري راحتن ۽ آسائشن جي خيالن ۾ گم ٿي، اُن رات ربّ عَزَّوَجَلَّ کان بلڪل غافل ٿي ويو۔ صبح جو انهيءَ مال جي ڌُن