Book Name:Gaflat Ka Anjaam

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيو ۽ فڪرِ آخرت پيدا ڪريو ۽ مرڻ کان پهريان موت جي تياري ڪريو۔ جيڪڏهن اسان ائين ئي دنيا جي رونقن ۾ مست رهياسين ۽ اوچتو ڪنهن مهلڪ(يعني هلاڪ ڪندڙ) بيماري ۾ مبتلا ٿي، ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي يا اوچتو ئي اسان جا پساھ رُڪجي ويا ۽ اسان موت جو شڪار ٿي وياسين ته پوءِ سواءِ پڇتائڻ جي ڪجھ نه ملندو۔ پنهنجي دل ۽ دماغ مان اها خوش فهمي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته اڃا منهنجي عمر ئي ڇا آهي، چڱو ڀلو صحت مند انسان آهيان، اڃا ته گھڻي زندگي پئي آهي آخري عمر ۾ نيڪيون ڪندس۔ ياد رکو! موت صرف پوڙهائپ يا بيماريءَ ۾ ئي ناهي ايندو بلڪ چڱو ڀلو صحت مند کلندڙ ڪُڏندڙ نوجوان به اوچتو موت جو شڪار ٿي اونداھي قبر ۾ هليا ويندا آهن۔ هن دنيا جي حيثيت هڪ گذر گاھ (يعني رستي) جيان آهي، جنهن کي طئي ڪرڻ کان بعد ئي اسان منزل تائين پهچي سگھون ٿا، هاڻي اها منزل جنّت هوندي يا جهنَّم! ان جو دارومدار هن ڳالھ تي آهي ته اسان اهو سفر ڪهڙي طرح طئي ڪيو! الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اِطاعت گذار بڻجي يا مَعَاذَالله نافرمان بڻجي؟ افسوس آهي ان تي جيڪي دنيا جون رنگينيون ڏسڻ جي باوُجُود به ان جي ڌوڪي ۾ مُبتَلا رهيا ۽ موت کان بلڪل غافِل ٿي ويا۔

دنيا فاني ۽ آخِرت باقي آهي

          اَمِيرُالمُؤمِنين حضرتِ سيِّدُنا عثمانِ غنيرَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جن پنهنجو سڀ کان آخري خطبو جيڪو ارشاد فرمايو ان ۾ هي به آهي؛ الله تعالٰي توهان کي دنيا صرف ان لاءِ عطا ڪئي آهي ته توهان ان جي ذريعي آخرت جي تياري ڪيو.  ان لاءِ عطا ناهي فرمائي ته توهان ان ”دنيا“ جا ئي بڻجي وڃو، بيشڪ دنيا فاني ۽ آخرت باقي آهي۔ توهان کي فاني (دنيا) ڪٿي ورگلائي ڪري باقي(آخرت) کان غافل نه ڪري ڇڏي، فنا ٿيڻ واري دنيا کي باقي رهڻ واري آخرت تي ترجيح نه ڏيو ڇو ته دنيا منقطع ٿيڻ واري آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ ڏانهن واپس موٽڻو آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄو ڇو ته ان جو خوف ان جي عذاب جي لاءِ (آڙ ۽) ڍال ۽ الله