Book Name:Gaflat Ka Anjaam

مجلس مڪتبةالمدينه

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهڙي عظيم هستين جي تعليمات کي اُمَّتِ مسلمه تائين پهچائڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطارقادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه 1986 ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جوآٓغاز فرمايو۔ دعوتِ اسلامي جي هن شعبي (Department) کان پهريان ته رڳو بيانات جون آڊيو ڪيسٽون جاري ٿيون ۽ پوءِ الله عَزَّ وَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم ۽ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظرِعنايت سان اهڙي ترقي نصيب ٿي جو مڪتبة المدينه تان سنتن ڀريا بيان، مدني مذاڪرا سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيا آهن، امام غزالي رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي ڪتابن جو اردو ترجمو، اعليٰ حضرت، اميرِ اهلسنت ۽ المدينة العِلمِيه جي ڪتاب به شائع ڪري وڏي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچايا پيا وڃن۔

    مڪتبة المدينه جي قائم ڪرڻ جو مقصد ڪاروبار نه آهي بلڪ سڄي دنيا جي عاشقِ رسولن تائين علمِ دين پهچائڻ آهي.مڪتبة المدينه دعوت اسلامي جو اشاعتي ادارو آهي.هن جو نفعو ۽ نقصان ڪنهن جو ذاتي ناهي بلڪ تنظيمي آهي.عاشقانِ رسول ۽ دعوت اسلامي جي ذميدارن کي گهرجي ته هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ هن جو بستو هڻن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

بيان جو خلاصو

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هفتيوار اجتماع ۾ اسان غفلت جي باري ۾ ٻڌو ته

٭  غفلت جي سبب انسان علمِ دين کان پري ٿي ويندو آهي۔

٭  غفلت جي سبب انسان پنهنجي آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي۔