Book Name:Gaflat Ka Anjaam

ڪنهن به دنياوي نعمت ۾ ضرورت کان وڌيڪ مشغوليت غفلت ۽ نُقصان جو سبب آهي۔ جيئن ته سيپارو 28، سُوْرَة الْمُنافِقُوْن آيت نمبر 9 ۾ ارشادِ خُداوندي آهي :

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تُلْهِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَ لَاۤ اَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِۚ-وَ مَنْ یَّفْعَلْ ذٰلِكَ فَاُولٰٓىٕكَ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ(۹)

ترجموڪنزالايمان: اي ايمان وارو! توهان کي غافل نه ڪري توهان جو مال نه توهان جو اولاد نه ئي ڪا ٻي شيء ا لله جي ذڪر کان ۽ جيڪو ائين ڪندو پوءِ اهي ئي ماڻهو نقصان ۾ آهن.

      هن آيت سڳوري ۾ ايمان وارن کي نصيحت ڪئي پئي وڃي ته اي ايمان وارو! منافقن وانگر توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله تعاليٰ جي ذڪر کان غافل نه ڪري ۽ جيڪو ائين ڪندو جو دنيا ۾ مشغول ٿي دين کي وساريندو، مال جي مَحبَّت ۾ پنهنجي حال جي پرواھ نه ڪندو ۽ اولاد جي خوشي جي لاءِ آخرت جي راحت کان غافل ٿيندو ته اهڙا ماڻهو ئي نقصان کڻڻ وارا آهن، ڇوته انهن فاني دنيا جي پويان آخرت جي گھر جي باقي رهڻ وارين نعمتن جي پرواھ ناهي ڪئي۔ ( خازن، المنافقون، تحت الآية: ۹، ۴/۲۷۴، مدارڪ، المنافقون، تحت الآية: ۹، ص۱۲۴۵، ملتقطاً)

          افسوس صدا فسوس! اڄ مسلمانن جي عملي حالت تمام خراب ٿيندي پئي وڃي۔ وڌيڪ مال جي ڌُن ۾ مگن ۽ مال گڏ ڪرڻ خاطِر اسان مختلِف ملڪن جو سفر ته ڪيون ٿا پرڪجھ قدمن جي فاصلي تي مسجِد جي حاضِري کان لهرايون ٿا، پنهنجي گھرن جي ڊيڪوريشن (Decoration) تي پاڻي وانگر پيسو لڳايون ٿا پر راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ کان پاسو ڪيون ٿا، ايستائين جو ڪي ماڻهو فرض هئڻ جي باوجود زڪوٰة جي ادائيگي به نٿا ڪن، دولت ۾اِضافي جي لاءِ مختلف انداز ته اختيار ڪيا ويندا آهن،پر نيڪين ۾ بَرڪت جي معاملي ۾ سستي سان ڪم وٺون ٿا۔ ياد رکو! اڃا وقت آهي غفلت مان بيدار ٿي هڪدم توبه ڪري وٺڻ گهرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو موت اوچتو اچي روشنين سان جڳمڳ ڪندڙ ڪمري مان آرام واري بستري تان کڻي ڪيڙن ماڪوڙن سان ڀريل