Book Name:Maan ke Dua ka Asar

گندگي برداشت ڪندي آهي،ته پوءِ پوڙهائپ ۽ بيمارين سبب ماءُ پيءُ ۾ ڪيتري به چِڙ جي عادت ٿئي، بنا ڪنهن سبب جي وڙهن، چاهي ڪيترو وڙهن، ۽ پريشان ڪري وجهن پر صبر صبر ۽ صبر ئي ڪرڻو آهي ۽ انهن جي عزت ئي ڪرڻي آهي، جي ها اهوئي مقامِ امتحان آهي، انهن سان بدتميزي ڪرڻ انهن کي دڙڪا ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن جي اڳيان ”اُف“ به  ڪرڻ نه کپي، نه ته بازي هٿن مان نڪري سگھي ٿي ۽ ٻنهي جهانن ۾ تباهي مقدر بڻجي سگھي ٿي ڇوته والدين جي دل ڏکائڻ وارو هن دنيا ۾ به ذليل ۽ خوار ٿيندو آهي ۽ آخرت ۾ به عذاب جو حقدار هوندو آهي.

والِدَين کي برو ڀلو چوڻ جو انجام

حضرت سَيدُنا اِمام اَحمدبن حَجَرمَڪي شَافِعِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه نَقل ڪن ٿا: نَبي اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان عبرت نشان آهي: مِعراج جي رات مون ڪجھ ماڻهو ڏٺا جيڪي باهه جي ٽارين سان لٽڪيل هئا، مون پڇا ڪئي: اي جبرئيل! اهي ماڻهو ڪير آهن؟ عرض ڪيائين: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي دنيا ۾ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي بُرو ڀلو چوندا هئا. (الزواجر،۲/۱۳۹)

قبر پاسراٽيون ڀڃي ڇڏيندي آهي

منقول آهي: جڏهن پيءُ جي نافرمان کي دفن ڪيو ويندو آهي ته قبر ان کي دٻائيندي آهي ايستائين جو ان جون پاسراٽيون (ٽٽي) هڪٻئي ۾ ملي وينديون آهن ـ                                                    (جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل،2/265)

دِل دُکھانا چھوڑ دیں ماں باپ کا                                     ورنہ ہے اِس میں خَسارہ آپ کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد