Book Name:Maan ke Dua ka Asar

آهي٭،چوڪ درس بي نمازين کي نمازي بڻائيندو آهي٭چوڪ درس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي حاضري جو شرف ڏياريندو آهي٭چوڪ درس جي برڪت سان نيڪين ۾ رَغبت پيدا ٿيندي آهي،٭چوڪ درس جي برڪت سان علائقي ۾ مدني ڪمن جي ڌوم مچي ويندي آهي٭ چوڪ درس نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو ذريعو آهي جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔ جيئن ته نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو! جيڪو شخص منهنجي اُمَّت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي ته جيئن ان سان سُنَّت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بد مذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنَّتي آهي۔([1]) اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔ جيئن ته

چوڪ درس جي بَرَڪت سان سُڌري ويو

لائنز ايريا (باب المدينه ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي گھٽي ۾ بيٺل دعوتِ اسلامي جو هڪ باعِمامه اسلامي ڀاءُ اڪيلو ئي چوڪ درس ڏئي رهيو هو، هو پاڻ ڀلي کڻي دين کان عملي طور تي ايتري قدر پري هو جو سَبز عمامي وارن کي ڏسي ڪري ڀڄي ويندو هو، پر الائي ڇو هن کي اَڪيلو درس ڏيندي ڏسي انهن کي ترس اچي ويو، سو هو چوڪ درس ۾ شريڪ ٿي ويو، ان جو چوڪ درس ۾ شريڪ ٿيڻ ئي ان جي اِصلاح جو سبب بڻجي ويو ۽ هو مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو، هي بيان ڏيڻ وقت هو اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي علائِقي جي مدني اِنعامات جو ذميدار آهي، هڪ اهو ڏينهن هو جو سَبز عمامي وارن کي ڏسي ڪري ڀڄي ويندو هو ۽ اڄ اهو ڏينهن آهي جو پاڻ ان جي مٿي تي سَبز سَبز عِمامي جو تاج جڳمڳ ڪري رهيو آهي.

تمہیں    لُطف    آجائے   گا   زندگی  کا                         قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول

 



[1] حلیۃ الاولیاء،۱۰/۴۵، حدیث: ۱۴۴۶۶