Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

ماں کی دُعا میں یہ تاثیر دیکھی

بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی

 صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                           صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته الله ڪريم ماءُ جي دُعائن ۾ ڪيترو نه اثر رکيو آهي جو ماءُ جڏهن پنهنجي اَولاد جي لاءِ دُعا ڪندي آهي ته ربِّ ڪريم ان جي کنيل هٿن جي لڄ رکندو آهي ۽ اَولاد جي لاءِ ان جي دُعا قَبول ڪندو آهي ايستائين جو ماءُ جي دِل مان نِڪرندڙ دُعائن جي بَرَڪت سان الله پاڪ اَولاد تان مصيبتن ۽ آزمائشن کي پري ڪندو آهي۔ ته ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن جا والِدَين زِنده ۽ انهن کان راضِي آهن ۽ ڪيتري قَدر سَعادت مَند آهي اهو اَولاد جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو سَهارو بڻجندو آهي، انهن جي خدمت ڪري انهن جون دُعائون کڻندو آهي ۽ رِضاءِ الٰهي جو حق دار ٿيندو آهي تنهنڪري جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ربّ ڪريم اسان سان راضِي رهي، رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان خوش ٿي وڃن، اسان جا والِدَين اسان جي لاءِ دُعائون به ڪندا رهن ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي والِدَين جي قَدر ڪريون، انهن جي اِحسانن کي ياد رکون، اُن جي خلافِ مِزاج ڳالهين کان به درگذر ڪيون، انهن جو هر طرح سان خيال رکون، اُنهن سان سٺو سُلوڪ ڪريون، اُن جي جائز ضَرورتن کي پُورو ڪريون، اُنهن جو هر جائز حڪم مڃون، خاص ڪري جڏهن والِدَين پوڙهائپ جي اڱڻ تي قَدم رکي چُڪا هجن ڇوته اهڙي وَقت ۾ اُنهن کي اَولاد جي همدَردِي جي تمام گھڻي ضَرورت هوندي آهي ڇوته پوڙهائپ ۾ انهن جا عضوا جواب ڏئي ويندا آهن، بدن بيمارين ۾ جَڪڙجي ويندو آهي ۽ پنهنجا به پَراوا ٿي ويندا آهن۔ ماءُ پيءُ جو پوڙهو ٿيڻ اِنسان کي اِمتِحان ۾ وجھندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن والدين پوڙهائپ ۾ پيشاب ۽ پاخاني جي مختلف مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري عموماً اولاد بيزار ٿيندي آهي، پر ياد رکو! اهڙي حالت ۾ به والدين جي خدمت لازمي آهي، ننڍپڻ ۾ ماءُ به آخر ٻار جي