Book Name:Maan ke Dua ka Asar

ٽنگ ڪٽي“ ڪجھ وقت کان پوءِ مون علم حاصل ڪرڻ لاءِ ”بخارا“ جو سفر ڪيو، سفر ڪندي مان رستي ۾ سواري تان ڪري پيس، ٽنگ تي شديد ڌڪ لڳو، ”بخارا“ پهچي ڪافي علاج ڪرايو پر تڪليف نه وئي آخرڪار ٽنگ ڪٽائڻي پئي. ( ۽ ائين ماءُ جي بددعا پوري ٿي)ـ(حياۃُ الحيوان الڪبرٰي،۲ / ۱۶۳)

دل دُکھانا چھوڑ دیں ماں باپ کا                             ورنہ ہے اِس میں خسارہ آپ کا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حڪايت ۾ جتي جانورن ۽ ماءُ پيءُ کي تڪليف ڏيڻ وارن جي لاءِ عبرت جا مَدَني گل آهن، اتي ماءُ پيءُ جي لاءِ به غور جو مقام آهي، خاص ڪري اهي مائرون جيڪي ڳالھ ڳالھ تي پنهنجي اَولاد کي ان طرح چئي ڇڏينديون آهن ته تون برباد ٿي وڃي، تون تباھ ٿي وڃي،توکي ڪوڙهه نڪري وغيره بددعائون ڏين ٿيون انهن کي پنهنجي زَبان قابُو ۾ رکڻ گھرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو قَبولِيت جي گھڙي هجي، دُعا قَبول ٿي وڃي ۽ اَولاد کي سچي پچي ”ڪجھ“ ٿي وڃي ۽ ائين ماءُ پاڻ به ٽينشن(Tension) ۾ اچي وڃي! تنهنڪري اَولاد کي صِرف ڀلائي جي دعا سان نوازڻ ئي وڌيڪ مُناسِب آهي۔الله ڪريم اسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ کي خوش رکڻ ۽ انهن جون دعائون وٺڻ جي تَوْفِيق عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

جامعة المدينه (للبنات)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي اسلامي ڀائرن کي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري جو ذِهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبا قائم ڪيا آهن اتي اسلامي ڀينرن کي به پنهنجي والِدَين جي اکين جو تارو بڻائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي ڪيئي شعبا قائم ڪيا آهن۔ انهن مان هڪ ”مجلس جامعةُ المدينه (للبنات)“ به آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مجلس جامعةُ المدينه (للبنات) جي تحت مُلڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾تقريباً266  (ٻه سوڇاهٺ) جامعاتُ المدينه (للبنات) قائم آهن۔ جن ۾گهٽ وڌ 1623 (سورهن سو ٽيويهه) طالبات دَرسِ نِظامي (عالِمه ڪورس) جي