Book Name:Maan ke Dua ka Asar

هڪ سخت رات منهنجي امان مون کان پاڻي گھريو، پاڻي جو گلاس ڀري کڻي آيس پر اَمڙ کي ننڊ اچي وئي، مون جاڳائڻ مناسب نه سمجھيو پاڻي جو گلاس کڻي انهي انتظار ۾ ماءُ جي ويجهو بيٺو رهيس ته سجاڳ ٿـين ته پاڻي پيش ڪـريان، بيٺي بيٺي گھڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ گلاس جو ڪجھ پاڻي وهي منهنجي آڱر تي برف بڻجي ويو هو، بهرحال جڏهن منهنجي اَمڙ بيدار ٿي ته مون پاڻي جو گلاس پيش ڪيو برف جي ڪري منهنجي ڳنڊيل آڱر جيئن گلاس کان جدا ٿي ته ان جي کل به جدا ٿي وئي ۽ رت وهڻ لڳو ماءُ هي ڏسي فرمايو: هي ڇا ؟ مون سڄي حقيقت بيان ڪئي ته انهن هٿ کڻي دعا ڪئي: اي الله عَزَّ وَجَلَّ! مان هن کان راضي آهيان تون به هن سان راضي رهجان۔

                                                                 (سمندري گنبد،ص۴)

عظيم ماءُ

مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت علّامه مولانا سردار اَحمد قادِرِي چشتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه  مشرقي پنجاب (هند) ۾ 1321هجري بمطابق 1903ء ۾ پيدا ٿيا ۽ يڪم شعبان 1382 هجري بمطابق 29 ڊسمبر 1962ء ۾ وفات ٿي.اوهان جو ننڍ پڻ ٻين ٻارن کان مختلف هو،ننڍپڻ ۾ ئي ديني ڳالهين ۾ دلچسپي رکندا هئا. جڏهن هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿيا ته سندن پيءُ سان گڏ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندا هئا ذڪر ۽ اذڪار ۽ نعت خواني جو ايڏو شوق هو، جو عام طور هلندي ڦرندي نعتون پڙهندا ۽ ذِڪرُالله ڪندا هئا ـ (حيات محدث اعظم،ص30) سندن جي عظمت ۽ بزرگي ۾ سندن والده جي دعائن جو به عمل دخل هو اوهان جي والِده مُحتَرَمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡها اڪثر فرمائينديون هيون: اِنْ شَآءَالله(عَزَّ وَجَلَّ) منهنجو هي لاڏلو پٽ عظيم شَخصِيت جو مالِڪ ٿيندو ۽ گڏوگڏ اها دُعا به گھرنديون هيون: تنهنجو نالو سردار آهي، الله پاڪ اوهان کي دِين ۽ دُنيا جو سردار بڻائي ۽ دُنيا ڏٺو ته واقعي عظيم پٽ جي حق ۾ ماءُ جي دُعا قَبول ٿي ۽ الله پاڪ سندن (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ