Book Name:Maan ke Dua ka Asar

حرڪتن جي ڪري ماءُ پيءُ جون ننڊون حرام ٿي ويون هونديون پر دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان هاڻي سڪون جي ننڊ نصيب ٿي هوندي.

اچو اسان مدني انعامات تي عمل ڪريون، مدني قافلن جا مسافر بڻجي وڃو، اسان کي خبر پوندي ته ماءُ پيءُ جون دعائون ڪيئن ورتيون وينديون آهن، هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ نه صرف پاڻ شرڪت جي سعادت حاصل ڪريو بلڪ پنهنجي دوست احباب کي به شرڪت ڪرايو، پوءِ خبر پوندي ته ماءُ پيءُ کي ڪهڙي طرح خوش ڪري ان جي دل جو دعائون وٺي سگهجن ٿيون.مدني دوري جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي پيش ڪريو، هر وقت پنهنجو پاڻ کي نيڪي جي ڪمن جي لاءِ تيار رکون ـ

يقيناً ماءُ پيءُ جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ اَولاد تي لازِم آهي البت ماءُ پيءُ جيڪڏهن ڪنهن خلافِ شرع ڳالھ جو حڪم ڏين مثال طور ڏاڙهي ڪوڙائڻ وغيره ته ان صورت ۾ شريعت انهن جو حڪم مڃڻ کان منع فرمايو آهي ڇوته ربِّ ڪريم جي نافرماني ۾ مخلوق جي فرمانبرداري ڪرڻ جائز نه آهي، جيئن ته

جيڪڏهن ماءُ پيءُ پاڻ ۾ وڙهن ته اولاد ڇا ڪري؟

اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسنّت، مولاناشاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ماءُ پيءُ پاڻ ۾ وڙهن ته نه ماءُ جو ساٿ ڏي نه پيءُ جو، هرگز ائين نه ڪري جو ماءُ جي محبت ۾ پيءُ تي سختي ڪري، پيءُ جي دل آزاري يا ان کي سامهون جواب ڏيڻ يا بي ادبي سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائڻ هي سڀ ڳالهيون حرام ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني آهي، اولاد کي ماءُ پيءُ مان ڪنهن جو ائين ساٿ ڏيڻ هرگز جائز ناهي، اهي ٻئي ان جا جنت ۽ دوزخ آهن، جنهن کي به ايذاء ڏيندو جهنم جو حقدار ٿيندوـ  والعِياذُ بِالله (يعني الله عَزَّ وَجَلَّ جي پناهه) خالق جي نافرماني ڪرڻ ۾ ٻئي ڪنهن جي فرمانبرداري جائز ناهي. مثال طور ماءُ چاهي ٿي ته پٽ پيءُ کي ڪنهن طرح تڪليف پهچائي ۽ جيڪڏهن پٽ نٿو مڃي يعني سختي ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿو ٿئي ته هو ناراض ٿئي ٿي ته ماءُ کي ناراض ٿيڻ ڏي ۽ هرگز انهي معاملي ۾ ماءُ جي ڳالهه نه