Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

پنهنجي گهر جو خرچو هلائي رهيو هوندو آهي، ماءُ ويچاري کوڙ بيمارين م مبتلا هجڻ جي باوجود،پنهنجون دوائون به پوريون نه ٿي ڪري سگهي بلڪ آرام کي قربان ڪري رات دير تائين ڪپڙا سلائي ڪري منهنجي پيءُ جي مدد ڪري ٿي جو ڪنهن طرح گهر جي دال ماني پوري ٿي وڃي.

      مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اسان ڪيئن هلي رهيا آهيون سوشل ميڊيا جي غلط استعمال اسان کي اهڙي طرح مفلوج ڪري رکيو آهي جو اسان جي سوچ ئي بدلجي وئي، اسان جي دلين مان ماءُ پيءُ جي قدر ۽ منزلت ئي ويندي رهي،اڙي اهڙي دوستي، اهڙي اوطاق تي تُف آهي  جيڪا اسان کي ماءُ پيءُ جي قدمن کان پري ڪري معاشري جي گندگين جي ڍير ۾ اڇلائي ڇڏي، خدارا هوش ڪريو !اي الله اسان کي حضرت سيدنا موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي جنت جي ساٿي ان قاصائي جو صدقو نصيب ڪر، اي الله  حضرت سيدنا صديق اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو صدقو اسان کي ماءُ پيءُ جو فرمانبردار بڻاءِ، اي الله !حضرت سيدنا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صدقي اسان کي ماءُ پيءُ جو حقيقي خدمتگار بڻاءِ، اي الله محدث اعظم پاڪستان حضرت علاما مولانا سردار احمد قادري چشتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صدقي هميشه ماءُ پيءُ کان دعائون وٺڻ وارو بڻاءِ ـ

    مٺامٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به پنهنجي ماءُ پيءُ کي راضي رکڻ چاهيون ٿا ۽ اميد آهي ته سڀ ئي چاهيندا هوندا پوءِ اچو اسان اهڙي چڱي صحبت اختيار ڪريون جتي ماءُ پيءُ جو ادب سيکاريو ويندو هجي، جتي ماءُ پيءُ جي تعظيم ۽ توقير ڪرڻ سيکاري ويندي هجي، هن پرفتن دور ۾ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جو مدني ماحول الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي، قربان وڃان الله جي ولي باني دعوت اسلامي اميرِ اهلسنت تي جو جن جي مدني تربيت سان اهڙن لکين نوجوانن جي زندگين۾مدني انقلاب پيدا ٿيو آهي ته جيڪي پنهنجي والدين جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻيل هئا،اهي خوش نصيب اڄ ماءُ پيءُ جي لاءِ آرام جو سامان بڻجي ويا آهن، هڪ تعداد اهڙي هوندي جن جي شرارتن يا بري