Book Name:Maan ke Dua ka Asar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته

٭ماءُ پيءُ ڏانهن نظرِ رَحمت ڪرڻ سان مقبول حجِ جو ثواب ملندو آهي۔

٭ماءُ پيءُ جو نافرمان دُنيا ۽ آخِرت ۾ ذَليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي۔

٭ماءُ پيءُ جي نافرماني جي حالت ۾ صُبح ڪرڻ واري جي لاءِ جهنّم جا 2 دروازا کلي ويندا آهن.

٭ماءُ جي دُعا مصيبتن ۽ آزمائشن کان ڇوٽڪارو ڏياريندي آهي۔

٭ماءُ جي دُعا جنّت جو حقدار بڻائيندي آهي۔

٭ماءُ اَولاد جي خاطِر پنهنجي خواهشن کي قُربان ڪندي آهي۔

٭ماءُ جو فرمانبردار جنّت ۾ نيڪ ماڻهن سان گڏ هوندو۔

٭ماءُ جي بد دُعا انسان کي دُنيا ۽ آخِرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ڪندي آهي۔

          ربِّ ڪريم سڀني مسلمانن کي پنهنجي والِدَين جي فرمانبرداري ڪرڻ، اُنهن کي راضِي رکڻ، اُنهن جي لاءِ دعائون ڪرڻ، انهن جو هر جائز حڪم مڃڻ ۽ انهن جي دُعائن مان حِصّو ماڻڻ جي سعادت نصيب فرمائي.اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي