Book Name:Maan ke Dua ka Asar

مڃي اهڙي طرح ماءُ جي باري ۾ پيءُ جي ڳالهه نه مڃيـ علماءِ ڪرام هن طرح تقسيم فرمائي آهي ته خدمت ۾ ماءُ کي ترجيح آهي ۽ تعظيم پيءُ جي وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته هو ان جي ماءُ جو به حاڪم ۽ آقا آهي۔(سمندري گنبد،ص۲۱)

والدين ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو حڪم ڏين ته نه مڃجي

  (شَيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا:) خبر پئي ته ماءُ پيءُ جيڪڏهن ڪنهن ناجائز ڳالهه جو حڪم ڏين ته انهن جي ڳالهه نه مڃو، جيڪڏهن ناجائز ڳالهين ۾ انهن جي پيروي ڪنداسين ته گناههگار ٿينداسين، مثلاً ماءُ پيءُ ڪوڙ ڳالهائڻ جو حڪم ڏين يا ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو حڪم ڏين يا هڪ مُٺ کان گھٽائڻ جو حڪم ڏين ته انهن جون اهي ڳالهيون ڪنهن به صورت ۾ نه مڃو ڀلي کڻي اهي ڪيترو به ناراض ٿين، اوهان هرگز نافرمان نه چورائيندا، ها جيڪڏهن مڃي ورتيون ته خداءِ حنّان ۽ منّان عَزَّ وَجَلَّ جا ضرور نافرمان سڏيا وينداسين، اهڙي طرح ماءُ پيءُ جي پاڻ ۾ طلاق ٿي وئي هجي ته هاڻ ڀلي ماءُ روئي روئي ڪري چوي کير نه بخش ڪندَس ۽ حڪم ڏي پنهنجي والد سان نه مِلجان ته اهو حڪم نه مڃي، والد سان ملڻو پوندو ۽ ان جي خدمت ڪرڻي پوندي انهن جي جيتوڻيڪ جدائي ٿي چڪي  پر اولاد جو رشتو ساڳئي طرح سان باقي آهي اولاد تي ٻنهيء جا حق برقرار آهن۔(سمندري گنبد،ص۲۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ماءُ پيءُ جي اَهمِّيت کان آگاهي حاصِل ڪرڻ، انهن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌائڻ، انهن جي دُعائن جو حقدار بڻجڻ ۽ اُنهن کي راضي رکڻ جا طريقا ڄاڻڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ 12 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي ٻارهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو