Book Name:Maan ke Dua ka Asar

نبی کی مَحَبَّت میں رونے کا انداز                                    چلے  آؤ  سکھلائے  گا  مَدَنی  ماحول

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                                     تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللّٰہ                             تم اپنائے رکّھو سدا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح ماءُ جي دُعا اَولاد جي حق ۾ مقبول آهي اهڙي طرح ان جي بد دُعا به مقبول آهي تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هرگز هرگز ڪو اهڙو ڪم نه ڪريون جو جنهن سبب اسان جي والِده کي ڪنهن قسم جي تڪليف ٿي يا هوء اسان جي لاءِ ڪا بد دُعائون ڪري، ڪيترا نادان آهن اهي ماڻهو جيڪي ماءُ جي بد دُعائون وٺڻ وارا ڪم ڪن ٿا، خُدا جو قسم! جيڪڏهن اهي ناراض ٿي پنهنجي اَولاد جي لاءِ بددُعا ڪن ته ذِلّت ۽ رُسوائي ان جو مُقَدَّر بڻجي ويندي آهي۔ اچو! ان باري ۾ هڪ سبق آموز حڪايت مُلاحَظَه ڪريو ۽ عبرت حاصِل ڪريو، جيئن ته

ماءُ جي بددعا سبب ٽنگ ٽٽي پئي

شَيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف”نيڪي جي دعوت“ صَفحي نمبر441 تي لکن ٿا: حضرت علامه ڪَمالُ الدين دَميري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: ”زَمَخشَري (جيڪومُعتَزلي فرقي جو وڏو مشهور عالم هو ان) جي هڪ ٽنگ ڪٽيل هئي ماڻهن جي پڇڻ تي ان ٻڌايو ته هي منهنجي ماءُ جي بددعا جو نتيجو آهي، ڳالهه هي آهي ته مون ننڍپڻ ۾ هڪ جھرڪي پڪڙي ۽ ان جي ٽنگ ۾ هڪ ڏور ٻڌي هئي اتفاق سان اها منهنجي هٿ مان اُڏري هڪ ديوار جي سوراخ ۾ گهڙي وئي پر ڏور ٻاهر ئي هئي مون ڏور مان پڪڙي زور سان ڇڪ ڏني ته جھرڪي ٻاهر آئي پر ويچاري جي ٽنگ ڏور سان ڪٽجي چڪي هئي، منهنجي اَمڙ جڏهن هي دردناڪ مَنظر ڏٺو ته صدمي وچان تڙپي ڪري سندن جي واتان منهنجي لاءِ هي بددعا نڪتي: ”جهڙي نموني تو هن بي زبان جي ٽنگ ڪٽي آهي الله تعالـٰي تنهنجي به